23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن : ايس يو پي ۽ ڄامشورو اتحاد پاران ووٽرن جي مان ۾آجياڻو

SANN: SUPPORT and JAMSHORA Alliance to vote in voters*سن ۾ سائين جي  ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي ايس يو پي ۽ ڄامشورو  اتحاد جي طرفان2018 جي جنرل اليڪشن  ۾ حصو وٺندڙ ووٽرن جي مان ۾آجياڻو ڏنو  ويو، جلال محمود شاهه جو چوڻ آهي ته هٿ وٺي کيس هارايو ويو .

آجياڻي ۾ مانجھند  تعلقي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن جي ووٽرن توڙي پارٽي ورڪرن وڏي  انگ  ۾شرڪت ڪئي.

 آجياڻي ۾ ايس يو پي سربراھ  سيد جلال محمودشاھه، ڊاڪٽر سڪندر سڪندرشورو، ملڪ چنگيز خان صالح محمد برھماڻي ۽ ٻين آجياڻي  ۾شريڪ ووٽرن جو شڪريو ادا ڪيو.

ايس يو پي سربراھ ۽ ڄامشورواتحاد جو اڳواڻن سيد جلال محمود شاھ  ڊاڪٽر سڪندر سڪندرشورو ۽ ملڪ چنگيز خان  سن ۾ آجياڻي جي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته مخالفن  آر اوز کي خريد ڪري ڪاميابي ماڻي آھي جيڪا هنن جي وڏي ۾ وڏي ناڪامي آھي.

هنن چيو ته  هو  ڄامشوري جي  ووٽرن سان  هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ آهن ،   جڏهن ته هو  اڃان نه  ٿڪيا آھن نه وري  مايوس ٿيا آھن .

سندن چوڻ هو ته هو ضلعي جي عوام جي ڀلائي  لاءِ جدوجھد جاري رکندا……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن پاران نشيءَ جي واهپي ۽ وڪري خلاف احتجاج

ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن پاران نشيءَ جي واهپي ۽ وڪري خلاف احتجاج ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے