25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايشين گيمز: هاڪي ايونٽ ۾ گرين شرٽس جي لاڳيتي چوٿين فتح

جڪارتا (اسپورٽس نيوز) ايشين گيمز 2018ع جي هاڪي ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي ملائيشيا کي به شڪست ڏئي ڇڏي. گرين شرٽس هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان فتح ماڻي. انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ جاري ايونٽ ۾ اها گرين شرٽس جي لاڳيتي چوٿين ڪاميابي آهي. ملائيشيا خلاف ميچ دوران پاڪستان طرفان اعجاز احمد ٻه گول اسڪور ڪيا، جڏهن ته محمد عرفان ۽ مبشر علي هڪ – هڪ گول اسڪور ڪيو. پاڪستان گروپ جي آخري ميچ بنگلاديش خلاف 28 آگسٽ تي کيڏندو. ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم قازقستان کي 0-16 تان عبرتناڪ شڪست ڏني هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے