19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: ٽائون ڪميٽي ۾مبينا طور ڪرپشن خلاف وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جو احتجاج

Mirpur Bathoro: protests against Vice President and Council against corruption in Town Committee*ميرپور بٺورو ٽائون ڪميٽي ۾مبينا طور ڪروڙين رپين جي ڪرپشن خلاف وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين توڙي ڪائونسلرن پاران محمد صديق سوهو، عورت ڪائونسلر صابرا کٽي ۽ٻن ڪائونسلرن اقبال شورو ۽ گرمکداس  پاران  ٽائون ڪميٽي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي  وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن چيو ته ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين  ۽ آفيس سپرينٽينڊنٽ سان ملي ڀگت ڪندي گذريل ٻن سالن دوران اڍائي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ  ڪرپشن ڪئي آهي.

هنن چيو ته احتساب ڪندڙ ادارا جاچ ڪري ڪرپٽ چيئرمين ۽ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪن.

هنن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو جي ڪرپٽ چيئرمين اياز ميمڻ، ٽائون آفيسر باقر بروهي ۽ فدا حسين سومرو کي  هٽائي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي اعلي سطح جاچ ڪرائي  وڃِي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے