22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميرپور بٺورو: عوامي تحريڪ پاران ڪالا باغ ڊئم ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

Mirpur Bathoro: The Awami Tehreek's protest against Kala Bagh Dam and the water shortage*ميرپور بٺوري ۾عوامي تحريڪ پاران ڪالا باغ ڊيم ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو.

عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران جاتي چوڪ شھر ۾ ڪالاباغ ڊيم پاڻي جي کوٽ ۽ پي ٽي آئي ايم ڪيو ايم ٺاھ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو

ان موقعي تي مظاھرين کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جي صدر حسين آزاد،عزيز ميمڻ،ساگر پرھياڙ،درياخان زئنور ، بچل ملاح ، گھگڙ،علي محمد گھگڙ ۽ ٻين چيو ته ڪالاباغ ڊيم ھڪ سنڌ دشمن منصوبو آھي جنھن کي ٽن صوبائي اسيمبلين  ٺهرائن  ذريعي رد ڪري ڇڏيو آھي ان باوجود ھڪ ڀيرو وري ان کي ٺاھڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن.

هنن چيو ته سازش تحت سنڌ کي پاڻي جي کوٽ ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ھٿرادي پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي ھارين ۽ آبادگارن کي تنگ ڪري ڪالاباغ ڊيم لا۽ راھ ھموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اڳواڻن  وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ھڪ دھشتگردي تنظيم آھي جنھن سان پي ٽي آءِ پنھنجي اقتدار خاطر ٺاھ ڪري سنڌ جي مفادن کي ڇيھو رسائڻ چاھي ٿي.

ھنن  مطالبو ڪيو  ته ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ دشمن رٿائن تي ڪم بند ڪري سنڌ مان فوري طور تي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے