21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ اڳڀرائي لاءِ پي اي ٽي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ وزيراعظم کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ طلب پوليس آفيسرن کي عهدن تان هٽايو وڃي. پي اي ٽي وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سليمان چيف سيڪريٽري پنجاب جي عهدي لاءِ اميدوار آهي، جڏهن ته هو ماڊل ٽائون سانحي وقت هوم سيڪريٽري هو. پاڪستان عوامي تحريڪ پنجاب جي وڏي وزير کي به خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سانحي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي وارثن طرفان طلبي لاءِ داخل رٽ ۾ اعظم سليمان جو نالو به شامل آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماڊل ٽائون آپريشن جو فيصلو ڪندڙ ميٽنگ ۾ اعظم سليمان به شريڪ هو، هن باقر نجفي ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ کان به انڪار ڪيو هو. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪيس ۾ طلب پوليس آفيسرن کي عهدن تان هٽايو وڃي، پاڪستان عوامي تحريڪ جو موقف آهي ته سانحي ۾ ملوث ڪنهن به آفيسر کي اهم عهدو ملڻ سان ٽرائل متاثر ٿيندو. خط ۾ ڪيس جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ متاثرن کي انصاف ڏيارڻ جي جدوجهد ۾ شريڪ رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار طرفان سانحي جي غير جابندار جاچ واري بيان کي به ڀليڪار چئون ٿا. ڄاڻايل خط خرم نواز گنڊاپور وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير کي لکيو آهي، خط جي ڪاپي وفاقي گهرو وزير ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سيڪريٽري کي به موڪلي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے