26 اربع , سيپٽمبر 2018

شاهه محمود قريشي جو جان مڪين جي لاڏاڻي تي ڏُک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اڳوڻي آمريڪي نائب صدر جان مڪين جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ موجب شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏُک جي هڪ گهڙي ۾ جان مڪين جي پونئيرن سان گڏ آهيون. سندس چوڻ هو ته جان مڪين آرمڊ سروسز ڪميٽي چيئرمين طور پاڪ – آمريڪا لاڳاپا بهتر بڻايا، هن سدائين خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سهڪار تي زور ڀريو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته سينيٽر جان مڪين جو خال پاڪستان ۾ سدائين محسوس ڪيو ويندو. واضح رهي ته ايري زونا سان واسطو رکندڙ جان مڪين 2008ع ۾ صدارتي چونڊون وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، هو 30 سال آمريڪي سينيٽ جو ميمبر رهيو ۽ کيس 6 ڀيرا آمريڪي سينيٽر چونڊجڻ جو اعزاز به حاصل رهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے