19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ميهڙ: حيدرآباد ۾پرڻو ڪندڙ جوڙو ميهڙ پهتو، تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل

Mehar: Hyderabad mprṇv couple who arrived in Malaysia, to provide protection appeal*حيدرآباد جي عدالت ۾پرڻو ڪندڙ جوڙي ميهڙ پهچي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڏيڍ مهينو اڳ حيدرآباد جي عدالت ۾پرڻو ڪندڙ خيرپورناٿن شاھه تعلقي جي ڳوٺ محمد خان چنڊ جو رهواسي نظام الدين چنڊ ۽ موري تعلقي جي ڳوٺ خالق ڏنو چنڊ جي رهواسڻ ناري پشم چنڊ ميهڙ پريس ڪلب پهتا.

ان وقعي تي ناري صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هن پنهنجي مرضي ۽ راز خوشي سان پنهنجي ويجهي ائٽ نظام الدين چنڊ سان شعريت محمدي موجب شادي ڪئي آھي.

ناري چيو ته پرڻي بعد سندس ماما ۽ ٻيا مائٽ منهنجي مڙس نظام الدين چنڊ ۽ ان جي مائٽن مٿان مختلف ٿاڻن تي اغوا سميت ٻيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آھن.

پرڻو ڪندڙ نوجوان نظام الدين چنڊ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڏيڍ مهينو اڳ حيدرآباد جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن سبب منهنجي زال پشم چنڊ جا وارث اسان ٻنهي جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن.

هن چيو ته ناري جا وارث کين موتمار ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي مورو ۽ نوشھرو فيروز ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آھن ۽ منهنجن ٻن مائٽن موجن ۽ معشوق چنڊ کي پڻ پوليس بنا جواز گرفتار ڪيو آھي.

پرڻو ڪندڙ جوڙي آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن جان کي خطرو آھي، نوٽيس وٺي کين تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji: Land occupied by influential

نيوز: ڌاٻيجي: تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن۽ چونڊيل نمائندن  جو قبضو

*ڌاٻيجي ويجهو تاريخي ماڳ ڀنڀور تي بااثر ڀوتارن چونڊيل نمائندن سان ملي ڀڳت ڪري مبينا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے