22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪجهه ماڻهن جو حافظو تيز ڇو هوندو آهي؟

Why do some people absorb the poison?ڪراچي(ويٻ ڊيسڪ) سائنسدانن اهو راز ڄاڻڻ ۾ڪامياب ٿي ويا آهن ته اعصابي نظام هڪ هئڻ ۽ دماغ جي هڪ جهڙي ساخت رکندڙ انسانن مان ڪجهه ماڻهن جو حافظو تيز ۽ ڪجهه جو حافظو ڪمزور ڇو هوندي آهي.انسان حيرت ۾ وجهندر تخليق آهي ان جو جسم ۽ هڪ جهڙن نظامن سان ملي ڪري جوڙندو آهي پر هر هڪ فرد جو انداز، رنگ ۽ نڪ جو نڪشو ٻئي کان ايترو مختلف هوندو آهي جو هر شخص کي آساني سان سڃاڻي سگهجي ٿو. شايد انڪري انسان کي ”احسن التخليق“ چيو ويندو آهي. اسان سڀئي هڪ جهڙو اعصابي نطام رکون ٿا ۽ اسان جي دماغ جي ساخت پڻ هڪ جهڙي آهي پر ان باوجود ڪجهه ماڻهو ڪمال جا ذهين هوندا آهن ۽ ڪجهه گهٽ ذهين هوندا آهن. عام مشاهدو آهي ته اسان جي چوڌاري موجود ماڻهن مان ڪجهه جو حافظو تمام گهڻو تيز هوندو آهي، پر ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن کي شيون ياد رکڻ ۾ ۽ ماضي ياد ڪرڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي. سائنسدانن ورهين جي تحقيق بعد حافظي جي تيز يا ڪمزور هئڻ جو راز ڄاڻڻ ۾ڪامياب ٿي ويا آهن. سائنسي جريدي نيورون ۾ شائع ٿيندڙ هڪ مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اصل ۾ اعصابي نظام جي اڪائي”نيورون“ جي هڪ خاص حافظي ۽ يادگيري جو ذميدار آهي. يادگيري ۾ جنياتي ڪوڊز جيان انهن جاڙن نيورون ۾ بلحظ نوعيت جا حادثا ۽ واقعا ترتيبوار محفوظ رهندا آهن. اهي نيورون جهڙن Hippocampal Neuronal Tuplets جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو دماغ جي حصي Hippocampus  ۾ موجود هوندا آهن. دماغ جو اهو ڪروي حصو نئين يادگيرن لاءِ دماغ جي”ميموري ڪارڊ“ ۾ گنجائش پيدا ڪندو آهي. عام طور تي سڄي ڏينهن جي يادگيريون رات جي ڀرپور ننڊ وٺڻ بعد ذهن مان نڪري وينديون آهن ان جي جاءِ نئين ڏينهن جو تازيون يادگيريون وٺنديون آهن. جوڙي دار Hippocampal Neutonal جي واقعن ۽ حادثن کي ترتيبوار محفوظ رکندا آهن ۽ جيئن ئي انهن جهڙو ملندڙ جلندڙ واقعو پيش ٿيندو آهي ته پراڻا قصا” اَن ڪوڊ“ ٿي ويندا آهن. ان جي ٻي خاصيت نئين يادگيري لاءِ جاءِ ٺاهڻ پڻ آهي. ڪجهه ماڻهن جي دماغ جو اهو حصو وڌيڪ بهتر ڪم ڪندو آهي ۽ اهي پراڻن واقعن، حادثن يا يادگيرن کي بهتر طور ” ري ڪال“ ڪري سگهندا آهن جڏهن ته نئين يادگيري لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ سبب انهن ۾ نئين شين کي جلدي ياد ڪرڻ جي صلاحيت پڻ پيدا ٿيندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے