24 سومر , سيپٽمبر 2018

آءِ پي ايل فڪسنگ ڪيس: بي بي مشرا راجسٿان رائلز جي  راج ڪندرا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

IPL Faxing Case: The Independent Election Commission of Pakistanنئين دهلي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل فڪسنگ ڪيس جي جاچ ڪندڙ بي بي مشرا هڪ ڀيرو ٻيهر راجسٿان رائلز جي اڳوڻي مالڪ راج ڪندرا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. بي بي مشرا جو چوڻ آهي ته باليووڊ اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس بڪي سان نه رڳو رابطو ڪيو هو پر انهن کان تحفا پڻ وٺي چڪو هو. مشرا ٻڌايو ته جڏهن اسان ڄاڻايل بڪي جي باري ۾ راج ڪندرا کان سوال ڪيو ته هن  معاملي کان لاتعلقي ڏيکاري پر جڏهن ثبوت ڏنا ويا ته هن مڃو ته هو ڄاڻايل شخص کي سڃاڻي ٿو. ڀارتي ميڊيا گروپ طرفان جڏهن راج ڪندرا سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ته ڄڻايل بڪي ساڻس هڪ پارٽي ۾ مليو ۽ بعد ۾ هو  منهنجي پٽ جي پدائش جي موقعي تي سون مان ٺهيل چين کڻي آيو هو جنهن کي قبول نه ڪيو هيم پر هو چوڪيدار کي ڏئي هليو ويو هو. ياد رهي ته جاچ رپورٽ سامهون اچڻ بعد ڪندرا تي آءِ پي ايل گورننگ باڊي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجودا رانديگرن کي افغان پريميئرليگ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته رٽائر ڪرڪيٽر ئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے