20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ جي خوشحالي جي ايجنڊا ۽ سنڌ حڪومت

زاهد ميراڻي

مرڪزي حڪومت کانپوءِ ملڪ جي چئني صوبائي حڪومتن سميت سنڌ حڪومت جي وڏي وزير ۽ سندس ڪابينا پنهنجو حلف کڻي حڪومت جوڙي ورتي آهي، سنڌ جي ايندڙ حڪومت به پيپلز پارٽيءَ جي ئي آهي جنهن ۾ اڳئين حڪومت وانگر ڪو اتحادي شامل نه آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم، تحريڪ انصاف، جي ڊي اَي ۽  مخالف ڌر ۾ شامل آهن، مخالف ڌر جي چئني پارٽين جي هوندي به سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي ايوان ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڪا مضبوط مخالف ڌر سامهون نه آهي، جيئن گذريل حڪومتن ۾ ايم ڪيو ايم جي صورت ۾ هوندي هُئي، هن حڪومت ۾ به پيپلز پارٽيءَ جي سياسي صورتحال لڳ ڀڳ اڳئين حڪومت جهڙي آهي.

سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي ڪابينا ۾ سنڌ جو وڏو وزير ته ساڳيو ئي آهي پر سندس اڳ واري ڪابينا ۾ جيڪي وزير شامل هيا انهن مان ڪافي وزير سندس هاڻوڪي ڪابينا ۾ شامل نه آهن، هن ڪابنيا ۾ ڪافي وزير نوان آهن جن ۾ شهلا رضا، اسماعيل راهو، سعيد غني، شبير بجاراڻي، جڏهن ته سردار شاهه اڳ سنڌي جي ثقافت کاتي جو وزير هو جيڪو هاڻي سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير مقرر ڪيو آهي.

سوال سنڌ جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن جو نه آهي سوال اهو به نه آهي ته سنڌ جي هاڻوڪي ڪابينا ۾ ڪهڙا ڪهڙا وزير شامل آهن، سوال هي آهي ته سنڌ حڪومت جي هاڻوڪي ڪابينا ۾ جيڪي وزير شامل آهن اهي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهندا، مجموعي طور تي سوال هي آهي ته 25- جولاءِ 2018ع جي چونڊن کانپوءِ جيڪا پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وجود ۾ آئي آهي اها حڪومت پنهنجي هن دور ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪري سگهندي يا نه….

سنڌ پنهنجي طور تي سياسي حوالي سان هڪ انتهائي بدنصيب خطو آهي جنهن کي پنهنجي اوائلي دور کان وٺي جديد دور تائين ڪا مضبوط سياسي قيادت، سگهارو سياسي فڪر ۽ ڪو موثر سياسي مرڪز ملي نه سگهيو آهي، دنيا جون اهڙيون ڪيئي قومون ۽ ملڪ آهن جن جي جيڪڏهن حالتن جي ستم ظريفيءَ سبب سياسي قيادت ختم ٿي وڃي ٿي تڏهن به انهن قومن جي، قومي جذبن، سوچن ۽ سگهه کي هڪ هنڌ گڏ ۽ مضبوط رکڻ لاءِ ڪي نه ڪي مرڪز موجود هوندا آهن، مثلا ٻي عظيم جنگ دوران جڏهن جپان جي سياسي قيادت بلڪل به ختم ٿي وئي تڏهن جاپان جي شهنشاهيت سڄي جاپاني قوم کي هڪ ڪري رکيو، سنڌ پنهنجي قديم دور کان وٺي جڏهن سنڌ، سنڌو تهذيب جي شهنشاهيت جي حوالي سان سڃاتي ويندي هُئي، جڏهن  سنڌ هاڻوڪي هندستان ۾ شامل جيسلمير، ڪڇ، ڀڄ، مارواڙ، بڙودا، ڪاٺياواڙ، باڙميڙ، راجستان، ۽ هاڻوڪي پنجاب جي ملتان، مهرڳڙهه، ۽ هاڻوڪي بلوچستان جي سبي، ڪول پور، قلات، گوادر، لس ٻيلي سميت ڪيئي علائقن تي ٻڌل سنڌوءَ جي شهنشاهت قائم هوندي هُئي، تڏهن سنڌ تي ”ست ڄام“ گڏيل طور تي حڪومت ڪندا هيا، جن مان هاڻوڪي بلوچستان جي ڄامن واري گادي پڻ هڪ آهي، اهڙي نموني سنڌ ”ستن ڄامن“ جي حڪومت ۾ متحد ۽ منظم هوندي هُئي، ان بعد سنڌ پنهنجي ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪنهن حد تائين ڪو پنهنجي سياسي نظم و نسق ڏٺو آهي ان بعد سنڌ سياسي طور تي انتهائي ڏيوالپڻي جو شڪار رهي آهي جيڪا تاحال آهي.

سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ ۽ سنڌ مان انگريزن جي وڃن بعد هن وقت تائين سنڌ ڪڏهن به سياسي استحڪام نه ڏنو آهي. سنڌ جي هڪ ٻي سياسي بدنصيبي اها رهي آهي ته سائين جي ايم سيد جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل قرارداد پاڪستان جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آهيو ۽ برصغير جي سموري سياسي اٿل پٿل جو اثر وڃي سنڌ تي پيو، پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ جڏهن سائين جي ايم سيد اهو محسوس ڪيو ته سنڌ کي پاڪستان ۾ ڪي به سياسي حق نه پيا ملن ته هُن عملي سياست کي خدا حافظ چئي سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ جي سياست جو آغاز ڪيو جنهن جو بنيادي نقطو ”پارليامينٽ“ جي سياست ڪرڻي نه آهي، جنهن ڪري گذريل پنجاهه سالن کان سنڌي عوام جي سياسي تربيت نه ٿي ۽ نه ئي هو اسيمبلين ۾ پهتا، ان جي ڀيٽ ۾ هندستان کان آيل ”پناهه گيرن“ جيڪي بعد ۾ ”مهاجر“ ٿي ويا انهن پنهنجا سمورا سياسي مقصد پارليامينٽ ۾ پهچڻ سان ئي حاصل ڪيا، ٻئي پاسي انهيءَ سموري عرصي ۾ سنڌي عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پارليامينٽ جي سياست ۾ انتهائي سرگرم رهيو ۽ بدنصيبيءَ سان پاڪستان پيلز پارٽي وري هڪ وفاقي پارٽيءَ جو چولو پائي سنڌين آڏو اچي بيٺي جنهن هر اهو ڪم جيڪو سنڌين جي قومي، سماجي، معاشي ۽ سياسي مفادن جي خلاف هيو ان کي سنڌي عوام جي مخالفت باوجود عملي جامعو پهرايو جو پيپلز پارٽي هڪ وفاقي پارٽي آهي،

مٿي ضمني طور تي جيڪو پس منظر بيان ڪيو ويو آهي ان جو مقصد اهو آهي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي پارليامينٽ واري سياست نه ڪرڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي پارليامينٽ واري سياست ڪرڻ واري ٻه ڌاري تلوار جو شڪار رهي آهي، جيڪا جڏهن به ٿي ڦري ته فقط سنڌين ۽ سنڌ جي مفادن جا ئي ڳڀا ڪري پئي ڇڏي، جيڪو عمل تاحال جاري آهي.

سنڌ جيڪا انگريزن جي دور ۾ هُئي اها فقط غلام هُئي ۽ سنڌ جيڪا هاڻوڪي دور ۾ آهي اها غلام ته آهي ئي آهي پر ان سان گڏ تباهه ۽ برباد به آهي، اسين هتي سنڌ جي اهڙي تباهيءَ تي ڪو بحث ڪرڻ مناسب نه ٿا سمجهو اسين فقط اهو ٿا سمجهڻ گهرون ته سنڌ جي موجود تباهيءَ کي هاڻوڪي دور جي سياست ۽  هاڻوڪي دور جي ايوان ۾ چونڊجي ويٺل سنڌ جا حڪمران ڪهڙي نموني دور ڪن ٿا، ڇو جو هاڻوڪي سنڌ جي خوشحاليءَ جي ايجنڊا تمام ڊگهي ۽ مسئلا تمام ڳنڀير آهن.

زرعي پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو

سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو گذريل ڏيڍ سو سالن کان جاري آهي جنهن ۾ وقت بوقت شدت ايندي وڃي ٿي، گذريل ٻن ڏهاڪن دوران زرعي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي زرعي معيشت بلڪل به تباهه ٿي وئي آهي، 1991ع ۾ پاڻيءَ جي ورهاست کي منصفاڻو بڻائڻ لاءِ ٺاهه ڪيو ويو هو  جنهن بعد ارسا نالي هڪ اداري جو جنم ٿيو ۽ ان کي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي چئني صوبن ۾ منصفاڻي نموني ورهائڻ جي ذميواري سونپي وئي پر  ارسا به ڌر ٿي بيٺي ۽ گذريل ويهن سالن ۾ به پاڻيءَ جي ورهاست جو مسئلو حل نه ٿو ۽ پنجاب هر سال سنڌ جو پاڻي روڪي، چوري ڪري پنهنجا فصل آباد ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي زرعي معيشت کي نقصان  ڏيندو رهيو، هاڻي ته معاملو ان حد تائين پهتو آهي جو هن سال گرمين ۾ جانور تي پري جي ڳالهه آهي انسانن کي به پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿي مليو جنهن ڪري ٿر، خيرپور ۽ صالح پٽ جي ريگستاني علائقي ۾ ماڻهن جي مرڻ جا اطلاع پڻ مليا.

سنڌ جي تعليم

پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽڪس15-2014 جي روپورٽ جيڪا ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي وئي هُئي، ۽ هاڻي 2018ع آهي ۽ مراد علي شاهه وري سنڌ جو وڏو وزير ٿي آيو آهي اها رپورٽ نيشنل ايجوڪيشن مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم اسلام آباد شايع پڻ ڪئي هُئي. رپورٽ موجب سنڌ ۾ 5 کان 16 ورهين جي ڄمار جي مجموعي اسڪول جي ٻارن جو انگ 11.9 ملين آهي جنهن مان 6.66 ملين اسڪول کان ٻاهر آهن. مجموعي طور تي 11991067 ٻار (پنج کان سورنهن سال جي ڄمار) جنهن مان 52727706 اسڪول ۾ آهن ۽ 6663361 اسڪول کان ٻاهر آهن. يعني 55.6 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. صوبي ۾ 45555 اسڪول آهن، جن مان 42383 فعال آهن ۽ 3017 غيرفعال آهن. فعال اسڪولن ۾ پيئيڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ، ٻارن خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ واش روم نه هجڻ، فرنيچر نه هجڻ، عملي جو نه هجڻ وڏا ۽ اهم مسئلا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ سطح جي تعليم جو ٻيڙو اڳ ئي ٻڏل آهي.

صحت جا مسئلا

سنڌ ۾ صحت جا مسئلا گذريل ڪيئي ڏهاڪن کان سنگين پئي رهيا آهن جيڪي تاحال سنگين آهن، پر هاڻي سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جي محروميءَ بعد هيپاٽائيٽس جي سمورن قسمن جو عام ٿيڻ ڳڻتي جوڳو ٿي ويو آهي، پوليو جي ڪيسن ۾ پڻ وڌا ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ اسپتالن جي بجيٽس ۾ ٿيندڙ ڪرپشن  سنڌ جي صحت لاءِ ٿيندڙ سمورين ڪوششن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، بيسڪ هيلٿ سينٽر کان وٺي ڪراچيءَ جي جناح ۽ سول اسپتال تائين هر ادارو تباهه ۽ برباد آهي. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر سميت سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي سول اسپتالن ۾ علاج جون بنيادي سهولتون ته پري جي ڳالهه آهي اڪثر اسپتالن ۾ اسريچر ۽ آڪسيجن جا سيلنڊر ئي موجود نه آهن، ايمرجنسيءَ ۾ جيڪڏهن کي پنج مريض پهتا ته اتي علاج لاءِ ڊاڪٽر ئي موجود نه هوندا. ٻئي طرف دل ۽ ڪينسر جي علاج لاءِ جيڪي اسپتالون گذريل دور ۾ قائم ڪيون ويون هيون انهن ۾ به ٽيڪنيشنس جا مسئلا، بجيٽس جا مسئلا، ڊاڪٽرن جا مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي موجوده  حڪومت سنڌ کي درپيش صحت جي مسئلن کي منهن ڏئي.

صاف پاڻيءَ جي پيئڻ جا مسئلا

سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي معاملي هاڻي ته پنهنجي انتها ڪري ڇڏي آهي، جو سنڌ جي نوي سيڪڙو کان مٿي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به ميسر ناهي، سنڌ جر هڪ ته پنجاب جي ايندڙ زهريلي پاڻيءَ ڪري زهريلو ٿي ويو آهي، ٻيو ته باقي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي ۽ گند ڪچرو وجهي ان کي به زهريلو بڻايو ويو آهي جنهن ڪري سنڌ جو ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان به محروم آهن، سنڌ ۾ پيئن جي صاف پاڻيءَ جي کوٽ متعلق ڪيئي ڪيس عدالتن ۾ پڻ هلندڙ آهن جن متعلق ڪميشن پڻ ٺهيا ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن قدم پڻ کنيا پر معاملو اڃان اتي جو اتي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي موجوده  حڪومت لاءِ اها ڳالهه پڻ اهميت واري آهي ته ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ کڻي.

ڌارين آباديءَ جا مسئلا

گذريل ٽن ڏهاڪن کان ملڪ جي ٻين صوبن سميت افغانستان، سينٽرل ايشيا، هندستان ، بنگلاديش ۽ هندستان مان اڃان تائين غيرقانوني طور تي پرڏيهين جي آمد جو سلسلو جاري آهي جن ۾ گهڻو انگ خيبرپختونخواهه جي ماڻهن جو آهي، جن جو انگ هاڻي ته سنڌين لاءِ خطري جي گهنٽيءَ کان به وڌي ويو آهي، سنڌ جا ڪيئي علائقا ائين ٿا لڳن ڄڻ سنڌ جا نه پر خيبر پختونخواهه جا علائقا هجن، انهن علائقن ۾ ڪراچي خاص ڪري ۽ بعد ۾ ٺٽي جا ڌاٻيجي، ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر ۽ هاڻي ته لاڙڪاڻو به انهن شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي، پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، ۽ 73ع جي آئين تحت ملڪ جي ڪنهن به صوبي جي شهريءَ کي ٻئي صوبي ۾ وڃڻ ۽ رهن جي اجازت آهي، پر ايستائين جيستائين ان صوبي جي ماڻهن کي ڪا تڪليف نه پهچي، پر سنڌ ۾ ته معاملو ان جي ابتڙ آهي، سنڌ ۾ته ڌارين جي آمد ۽ آبادڪاريءَ ڪري سنڌي سماج ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ اهڙي ڌاري آباديءَ کي روڪڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ ورتا وڃن،

ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جا مسئلا

سنڌ جي بدنصيبي اها به آهي ته هتي پهريان ڌاريا روزگار جي حوالي سان اچن ٿا ۽ بعد ۾ سنڌ ۾ حصيدار بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا نتيجي ۾ سنڌ ۾ هڪ بدترين ڇڪتاڻ پيدا ٿئي ٿي ۽ اڳتي هلي ان جو مسئلي جو سياسي حوالي بحران پيدا ٿئي ٿو  ۽ هاڻي سنڌ ۾ اهڙي صورتحال سنگين ٿي چڪي آهي، سنڌ ۾ پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ آيل “پناهه گيرن” جو مسئلو  ئي اڃان تڪراري بڻيل آهي ته مٿان ٻي ڌاري آبادي ان مسئلي کي سنگين بڻائي ٿي ڇڏي، سنڌ ۾ گهر ڪري ويٺل اهڙي ڌاري آباديءَ جو وڌ کان وڌ زور شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ هوندو آهي ته جيئن هو هن ملڪ جا شهري ٿي سگهن، شناختي ڪارڊ حاصل ڪرڻ بعد انهن جو سنڌ وسيلن ۾ حقدار ٿيڻ هڪ قانوني حق طور تسليم ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري سنڌي عوام جو اهو مطالبو رهيو آهي ته سمورن ڌارين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ فوري طور تي رد ڪري، انهن کي ايلن ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ۽ کين لاڳاپيل علائقن، ملڪن ڏانهن واپس ڪرڻ جو بندو بست ڪيو وڃي.

مالياتي ايوارڊ

ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو ورڇ جوڳي مرڪزي آمدنيءَ کي صوبن ۾ تقسيم ڪرڻ لاءِ ستون قومي مالياتي ايوارڊ، 30 ڊسمبر 2009ع کان شروع ڪيو ويو، نئين مالياتي ايوارڊ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ته فائدو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته بلوچستان لاءِ هونئين ئي ساليانو 2 ارب روپيا اضافي رقم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پر سنڌ ڪو گهڻو ۽ خاطر خواهه فائدو حاصل ڪري نه سگهي جڏهن ته ستين مالياتي ايوارڊ بعد سنڌ کي جيڪو مالياتي فائدو ٿيو اهو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو.

گذريل مالياتي ايوارڊ جي سلسلي ۾ سنڌ جا اڃا اربين روپيا وفاق ڏانهن رهيل آهن. آئين جي آرٽيڪل 161 تحت ۽ ستين مالياتي ايوارڊ ۽ 18هين آئيني ترميم جي روشنيءَ ۾ قدرتي وسيلا هاڻي صوبائي معاملو آهن ۽ ان جي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو 50 سيڪڙو آهي، جيڪو اڳ ۾ صرف 11.5 سيڪڙو هو پر 5 سال گذرڻ باوجود سنڌ حڪومت ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ اُهو آئيني حق پوري طرح وٺي نه سگهي آهي.

فصلن جي اگهن جو مسئلو

پيپلزپارٽيءَ جي گذريل حڪومتي دور ۾ سنڌ جي آبادرگارن کي نه ته ڪمنڊ جو اگهه مليو ۽ نه ئي کنڊ جي ڪارخانيدارن ساڻن انصاف ڪيو، هڪ پاسي سندن ڪمند خريد نه ڪيو ويو ۽ ٻئي پاسي جيڪو ڪمنڊ خريد ڪيو ويو ان جي ادائگي به رولي رولي ڪئي وئي جنهن ڪري فائدي بجاءِ نقصان ٿيو، جڏهن ته ڪڻڪ جي حوالي سان آبادگارن سان ساڳئي صورتحال رهي سرڪار جيتوڻيڪ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 13 سئو رپيا في مڻ مقرر ڪيو هو پر آبادگارن کان ساڍا 11 سئو رپيا مڻ جي حساب سان ڪڻڪ خريدي ڪئي وئي.سرڪار جي اهڙي روش جي نتيجي ۾ سنڌ جي زرعي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.

سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جو مسئلو

سنڌ مان گذريل ڪيئي سالن کان مختلف ڌرين جي سياسي ڪارڪنن، سماجي ڪارڪنن، اديب، دانشورن سميت صحافين کي پڻ سواءِ ڪنهن ڏوهه جي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جن مان ته ڪيئي نوجوانن جا چچريل لاش مليا آهن، کنڀي گم ڪيل ۽ بيدرديءَ سان ماريل نوجوانن تي گذريل حڪومت جي سينيٽ ۾ پڻ ان جو پڙاڏو ٿيندو رهيو آهي، جڏهن ته ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح تي پڻ انساني حقن جون تنظيمون، سول سوسائٽي ۽ جمهوري حلقا پڻ اهڙين ڪاررواين تي رد عمل جو اظهار ڪندا رهيا آهن.

هن وقت تائين تصديق جوڳن ذريعن مون ٽي سو کان مٿي سنڌي نوجوان گم آهن جن مان ڪن کي ته پنجن کان ڇهه سال ٿي ويا آهن، سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جا ڪيس پڻ هلندڙ آهن، پيپلز پارٽيءَ جي اڳئين حڪومت ۾ ٿيندڙ احتجاجن دوران  ان وقت سنڌ حڪومت جو گهرو وزير کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ لڳل احتجاجي ڪئمپن تي پڻ پهتو هو، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.

 سنڌ مان غير سياسي عام شهرين جي پراسرار گمشدگين جا مسئلا

سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ واريون ڪارروايون ته پنهنجي جاءِ تي قائم آهن جن متعلق لاڳاپيل ادارا عدالتن ۾ هاڪار ۽ ناهڪار ڪندا رهيا آهن، پر سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن دوران سون جي انگ ۾ پراسرا نموني اهڙا ماڻهو به اغوا ٿي گم ٿي چڪا آهن جن جو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان ڪو به واسطو نه هو، اهڙن اغوا ٿيندڙن ۾ اهڙن نوجوانن جو وڏو انگ پڻ شامل آهي جن جون عمريون 15 کان 20 سالن جي وچ ۾ آهن ۽ اهي هڪ صحت مند زندگي گذاري رهيا هيا، اهڙن نوجوانن ۾ گذريل هفتي نوابشاهه مان ڀٽي برادريءَ جي نوجوان جو اغوا پڻ شامل آهن. سنڌ ۾ اهڙن پراسرار اغوا جي وارداتن سنڌي عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي جو انهن نوجوانن جي اغوا بعد نه ته سندن جي آزاديءَ لاءِ ڀنگ جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي انهن کي ڪنهن ذاتي دشمنيءَ سبب اغوا ڪري گم ڪرڻ جا ڪا ثبتي ملي ٿي.

سنڌ جي روڊن رستن تي روزاني جي بنيادن تي حادثن جا مسئلا

سنڌ جيئن ته هڪ سامونڊي ملڪ آهي جنهن کي پنهنجا هڪ کان وڌي گهرا بندر آهن جن مان ڪراچيءَ جو بندر اهم آهي، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سڄي ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار جهڙوڪر سنڌ جو بندر ٿي پيو، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پنجاب ۾ انتهائي تيزيءَ سان ترقي ٿي جنهن ڪري پنجاب کان سنڌ طرف صنعتي شين ۽ مشينريءَ جي آمد درفت ۾ انتهائي تيزي اچي وئي، پر بدقستيءَ سان جنهن انداز ۽ معيار جي ڳري ٽريفڪ سنڌ جي روڊن خاص ڪري انڊس هاءِ وئي ۽ نيشنل هاءِ وي تي هلڻ لڳي ان حوالي سان روڊن جي گهربل معيار جي نه هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جن ۾ هر روز جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهڻ جو مرڻ عام آهي، سنڌ سرڪار کي ان ڏس ۾ به قدم کڻڻ گهرجي ۽ لاڳاپيل وفاقي ادارن سان رابطي ۾ اچي سنڌ جي روڊن کي گهربل معيار جو جوڙائڻ گهرجي.

مٿي ذڪر ڪيل مسئلا اهڙا آهن جن کي پيپلز پارٽيءَ جي موجوده حڪومت حل نه ڪري سگهي ته پوءِ سنڌ انتهائي بدترين دور ۾ داخل ٿي ويندي، جنهن جي ذميوار صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي هوندي جو گذريل چاليهه سالن کان  پيپلز پارٽي سنڌ جي ايوان اقتدار رهي آهي ۽ گذريل چاليهن ئي سالن کان سنڌ ۽ سنڌي عوام تباهي ۽ برباديءَ کي منهن ڏيندا رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے