21 جمعو , سيپٽمبر 2018

تاريخ جي پسمنظر ۾ سنڌ جو سُک ۽ ڏک.!

قيوم سروهي

سنڌ جي تاريخ کي ڏسبو ته اٽڪل 15 هزار سال اڳ موجوده رومي سمنڊ واري هنڌ لکين ماڻهو آباد هوندا هئا، جڏهن اتي زلزلو آيو ته لکين ماڻهو ان آفت جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪجهه وقت اڳ آباد وسنديون ڍير ۾ تبديل ٿي ويون، تباهي کانپوءِ باقي زلزلي ۾ جيڪي ماڻهو بچيا اُهي وچ اوڀر کان ٿيندا مرحليوار سنڌو ديش تائين پهتا ۽ اچي آباد ٿيا، جن کي دراوڙ چيو وڃي ٿو، اٽڪل 1500 ورهه اڳ اُهي ماڻهو سنڌ تي حاوي رهيا ۽ هِن سون جهڙي ڌرتي مان ترقي ڪندي سُکيا ۽ ستابا ٿي ويا، ان کانپوءِ اٽڪل 1700 ورهه قبل مسيح يعني 3700 ورهه اڳ وچ ايشيا مان آريا قوم اچي ڪاهه ڪئي ۽ آريا قوم جي ڪثير تعداد ۾ آيل ماڻهن دراوڙن کي ماري مڃائي سنڌ تي قبضو ڄمايو، 500 ورهه قبل مسيح ۾ سنڌ تي ايرانين اچي قبضو ڪيو ۽ برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ رني ڪوٽ جا شهر وسايا.

سنڌ مان اڳ ٻه نديون وهنديون هيون،هڪ سنڌو ندي ۽ ٻيو هاڪڙو درياءُ، سنڌو ندي جي ڪري ئي هي خطو سنڌ سڏجڻ لڳو، هن ڌرتي جي قديم تاريخ جو پتو ته پراڻن آثارن مان پوي ٿو پر ماضي ۾ سنڌ جي معاشي حالت ڪيئن هئي؟ ان جو اندازو لڳاتار ڌارين جي ڪاهن مان لڳائي سگهجي ٿو، ڪنهن به ان ملڪ،وطن يا علائقي تي ڪير ڪاهه ناهي ڪندو، جيڪو ملڪ، وطن بکيو، ڏکيو يا غريب هجي، اهڙي ريت سنڌ تي ڌارين جا لاڳيتو ٿيندڙ حملا، قبضا ان ڳالهه جي ثابتي آهن ته سنڌ خوشحال ڌرتي رهي آهي. سنڌو ماٿري جيتري حسين ۽ سهڻي آهي اوتري ئي وسيلن سان مالا مال به، ماضي ۾ هن ڌرتي جو وڏو بنياد زراعت ۽ واپار هوندو هو، سنڌ کان مصر ۽ ايران توڙي وچ ڏکڻ هندستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ واپار ٿيندو هو، سنڌ جنهن جي حُسن جي هاڪ جڳ جهان ۾ هوندي هئي، سنڌ جنهن جي اوج ۽ سونهن تي شاعرن جا قلم به عاشق هئا، جن جي عاشق قلمن هي عشق تحرير ڪيو هو ته ”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ چوندا آهن، شاعر وقت جو آئينو هوندا آهن ۽ هن شعر ۾ شاعر ان وقت جو جيڪو عڪس پيش ڪيو آهي، ان ۾ هو مهراڻ جي ٻنهي ڪنڌين کي جنت وانگر ڏسي ٿو، مطلب سنڌ ۾ ايڏي خوشحالي ۽ سونهن هئي جو شاعر مجبور ٿي ويو، هن ڌرتي کي جنت سان تشبيهه ڏيڻ تي، هي شاعري ته ڪا ايڏي پراڻي ناهي پر ان کان گهڻو اڳ به سنڌ کي دنيا جي گولي تي وڏو مان ۽ مرتبو  هو، هزارين سالن جي قديم تهذيب ۽ ثقافت سان سرشار هي ڌرتي تمام گهڻي خوشحال هئي، تڏهن ته هن مومل کي ماڻڻ لاءِ دنيا جا ڪيئي بادشاهه ۽ شهنشاهه به ديوانا هوندا هئا، آتا هوندا هئا ۽ ڪيئي ڪاهون ڪري هن عظيم ڌرتي کي فتح ڪرڻ جون ڪوششون به ڪيون پر هن پاڪ سر ڌرتي چيو ته هي مومل ڏاڍ ۽ زور تي ڪنهن کي پاڻي ڍڪ به ناهي بخشيندي، جيڪو محبت ۽ دل جي حضور سان اچي حاضري ڀريندو ان کي آئون سون بڻائي سگهان ٿي. اهڙي ريت ڏاڍ ذريعي جيڪي به هتي هلان ڪري آيا، توڙي جو انهن ڊگهي حڪمراني به ڪئي پر هن ڌرتي انهن کي پنهنجو نه ڪيو، جيڪي هن ڌرتي تي قبضي ۽ ڦرلٽ لاءِ وڙهيا انهن کي اڄ به تاريخ ۾ غدار تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪو هن ڌرتي جي تحفظ لاءِ وڙهيو اهي اڄ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ سرخرو ٿي سُتل آهن، سندن عظمت کي ڳايو پيو وڃي، هي مٽي انهن تي هر وقت سلامي ڀري ٿي .

ورهاڱي کان اڳ تائين به جيڪڏهن نظر وجهجي ته سنڌ جا ماڻهو خوشحال هوندا هئا، سنڌوءَ جون ٻئي ڪنڌيون آباد ۽ موجن ۾ هونديون هيون، زراعت، واپار ۽ محنت سان ڌرتي ڌڻين جون زندگيون سکيون ستابيون گذرنديون هيون، سنڌ وٽ ايترو هوندو هو جو پاڻ کي پالڻ سان گڏ ٻين غريب صوبن جو بار به ڪلهن تي کڻندي هئي، نه صرف ايترو پر سنڌ سخاوت ۾ به اڳري اڳري رهي آهي، ورهاڱي کان اڳ جڏهن هندستان ۾ زلزلو آيو هو ته سنڌ جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ اناج، کاڌ خوراڪ، هنڌ بسترا ۽ ٻيو سامان پاڙيسري ڀائرن ڏانهن ڏياري موڪليو هو، سنڌين جي اهڙي زنده دلي ۽ انسانيت واري عمل کي ٻين ملڪن به ساراهيو هو، سنڌ ۾ ماڻهن وٽ اناج، سبزيون، ميوات، کير، مکڻ پنهنجا هوندا هئا ۽ اها ئي انهن جي ڪُل ڪائنات هئي، جنهن ۾ هو بادشاهي واري زندگي گذاريندا هئا پر جڏهن ورهاڱي جو واقعو پيش آيو ته ٻنهي طرفن کان وڏي سطح تي انساني توڙي معاشي تباهي آئي ۽ اهڙي ريت سنڌ جي قسمت به ڦٽڻ شروع ٿي وئي، هي شعر هتي بلڪل ٺهڪي ٿو ته.!

ڄڻ نظر لڳي ويئي، گهر جي بهارن کي!

ڪو نانگ سراپي ويو، نينهن نظارن کي!

ورهاڱي کانپوءِ ڄڻ سنڌ کي نظر لڳي وئي، ڀاڳ به رُسي ويو، ورهاڱي کانپوءِ ٿيو اهو ته سنڌ جا اصل رهاڪو سنڌي هندو ڀائر وڇوڙي جو درد دل ۾ ٽوپي هندستان هليا ويا ۽ اتان اردو ڳالهائيندڙ مسلمان ڀائر وري پنهنجي وڇوڙي جو درد دل ۾ کڻي سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اچي آباد ٿيا، تنهن جو سڀ کان وڏو اثر سنڌ جي تهذيب، ثفافت تي ته پيو پر معاش جا وسيلا به متاثر ٿيا، ايڏي وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن کي سنڌ جي موجودا معاشي وسيلن تي پلڻو پيو ۽ اهڙي ريت سنڌ جي معيشت تي اضافي بار پيو، بار ان صورت ۾ وڌيڪ پيو جو لڏپلاڻ سبب هندو ڀائرن جا وڏا وڏا ڪاروبار، واپاري مرڪز ختم ٿي ويا ۽ اقتصادي حوالي سان سنڌ لاءِ هڪ نئون موڙ اچي ويو، هنڌ کان آيل اسانجي مسلمان ڀائرن کي جيترو وقت سنڌ جي ماحول کي سمجهڻ ۾ لڳو، اوسيتائين هن ڌرتي ڌڻين پنهنجي مسلمان ڀائرن جي مهمان نوازي ڪئي ۽ کين جيءَ ۾ جايون ڏئي آڌر ڀاءُ ڪيو، اهڙي ريت هلندي هلندي لڏپلاڻ ڪري آيل اردو ڀائرن کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت شهري علائقن ۾ آباد ڪيو ويو، جڏهن ته هندو ڀائرن پاران ڇڏيل ٻهراڙين جا خالي ويڙها، گهر ۽ مندر تنهائي ۽ ويراني ۾ سڏڪندا رهيا، جيترو درد هندو ڀائرن کي سنڌ امڙ کي ڇڏڻ جو ٿيو، اوترو ئي درد سنڌين کي سندن جدائي جو هيو، ان ئي ڪري ٻهراڙين ۾ ڪن سالن تائين هندو ڀائرن جي ڇڏيل اجهن ۽ ملڪيتن کي هنن هٿ به نه لاتو، هو سندن ملڪيتن کي نشاني طور سانڍي رکندا آيا، انهن خالي گهرن سان سندن ساروڻيون ساريندي دل وندرائيندا هئا، هي ورهاڱي کانپوءِ جون تازيون حالتون هيون، هي اهڙو ڏکائيندڙ سفر هو جيڪو سنڌ طئي ڪري اڳتي وڌي پنهنجي ماضي جو سُک ورائڻ لاءِ لاڳيتو جدوجهد ۾ رهي، هن جدوجهد جي ميدان ۾ سنڌ ڪٿي پهتي آهي، ان تي نظر وجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

هن وقت سنڌ ڪٿي بيٺي آهي؟ ماضي جي خوشحال سنڌ ڪسمپُرسي واري حالت ۾ ڇو ساهه کڻي رهي آهي؟  هي حالتون ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿيون، پيدا ٿيون يا ڪيون ويون؟

بهرحال اچو ته ماضي جي سنڌ کي پڙهون، ورهاڱي کان گهڻو پوءِ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماروئڙا ان وقت به پنهنجي مال مويشي، زراعت ڪري خوشحال زندگي گذاريندا هئا، جيستائين سنڌو جا وهڪرا وهندا رهيا هي ڌرتي سرسبز ۽ شاباد رهي، هي کيت کڙندا رهيا، باغ ۾ بهارون رهيون.

پر جڏهن کان سنڌو درياءَ جي وهڪرن کي روڪڻ جي ڪوشش شروع ٿي، سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا لڳڻ لڳا، ان پاڻي تي جيڪو سنڌو ماٿري جي جياپي جو سبب هو، انسانن، پکي، پرندر، جانورن ۽ ڌرتي جي اُڃ اجهائڻ جو سبب هو، ڌرتي جو سکُ هو، جڏهن اهو پاڻي روڪجڻ لڳو ته ڄڻ سنڌ جي سُک جي رسي ڇڪجي وئي، وهڪرن جو اهو اوج نه رهو، سنڌوءَ جون ڪُکيون وڃي پيٽ سان مليون، پاڻي تي قبضو وڌندو رهيو ته سنڌ جي گذران جو واحد ذريعو زراعت متاثر ٿيڻ لڳي، پاڻي جي رهندڙ لاڳيتي بحران سنڌ واسين کان زراعت، مال مويشي ۽ خوشيون ڦري ورتيون، هلي هلي ٻهراڙين جي زندگي تنگ ٿيڻ لڳي، ڌرتي ڌڻين ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي وئي، جڏهن پاڻي بحران انتها تائين وڃي پهتو ۽ زمينون تباهه ٿي ويون، ماروئڙن جو گذران ڏکيو ٿي ويو ته هنن پيٽ پالڻ لاءِ شهرن ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو، هي سنڌين لاءِ اهو وقت ان گهڙي کان ڪو گهٽ نه هئي جيڪا گهڙي ورهاڱي وقت هندو ڀائرن تي آئي هئي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ساهه کڻندڙ سنڌين ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو ٻهراڙين جون بهارون ڇڏي شهرن جي ٻوسٽ ۾ زندگيون تلاش ڪندا، فطري زندگي کان ايڏو پري وڃي مصنوعي حياتي جيئندا، هو ابن ڏاڏن جي ڪرت ڇڏي شهرن جا نوان تجربا سکندا، ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين کي شهرن کان نفرت نه هوندي ئي، نه ئي هو انهن کي پرايا شهر سمجهندا هئا پر مسئلو اهو هو ته هو ان دنيا جا نه هئا، هو جتي جنميا هئا جتي هنن جو گذران هو، جتي هو سهنجي روايتي زندگي جِي رهيا هئا، ان ۾ هو خوش هئا، ان کي هو سُک سمجهن پيا ۽ اها ئي دنيا. اهو هڪ فطري عمل به آهي ته هر شخص جو قلبي سُک پنهنجي جنم ڀومي ۾ هوندو آهي،

سنڌين لاءِ ٻهراڙين کان شهرن ڏانهن سفر ڏکيو ضرور پر مجبوري به هو، جنهن کي وقت جي ضرورت سمجهي روزگار سانگي شهرن ۾ آيا پر تيستائين انهن لاءِ شهرن جو ماحول ايترو سازگار نه رهيو هو جيترو اڄ هجي ها، شهرن ۾ ورهاڱي کانپوءِ آباد ٿيل اردو ڳالهائيندڙ ڀائر ايترا ته سگهار ٿي ويا هئا جو شهر انهن جا سڏجڻ لڳا ۽ شهرن کي ڌرتي ڌڻين لاءِ اوپرو بڻايو ويو هو، اهڙي ريت پنهنجي ڌرتي ۾ خانه بندوش ڌڻين کي شهرن ۾ اوپرائپ وارو ماحول کائيندو رهيو، اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن ڌرتي جي اصل وارثن جي اها آجيان نه ڪئي جيڪا انهن ئي سنڌين هُنن جي ڪئي هئي، ان وقت  جڏهن هو هٿين خالي هت آيا هئا.

بهرحال هن وقت جڏهن سنڌ جو سکُ ڦٽي ويو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جن مان ڪجهه اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، هن وڌيڪ صورتحال اها آهي ته سنڌو جي وهڪرن تي لاڳيتو قبضي سبب سنڌ سُڪي وئي آهي، لکين ايڪڙ زمين بنجر ته ڪثير زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي، رهيل بنيون ٻارا به پاڻي جي اڻهوند سبب آباد نه ٿي رهيا آهن، جنهن ڪري زراعت گهڻي ڀاڱي آخري پساهه کڻي رهي آهي، ماڻهن جي گذران جو واحد ذريعو به هٿرادو پاڻي بحران پيدا ڪري ڦريو پيو وڃي، ماڻهن کان سُک کسجي چڪو آهي، هو بک ۽ بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، هن وقت سنڌ ۾ ڪا ڏڪار کان گهٽ صورتحال ناهي ۽ بدقسمتي سان ماضي جي سُکي سنڌ اڄ بُک ۾ آهي، ڏک ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے