20 خميس , سيپٽمبر 2018

واهه سڌو واهه! تنهنجو پنهنجي دوست وزيراعظم عمران خان سان دوستي نڀائڻ

شاهه رخ سنديلو

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪيتريون ئي شيون هڪ جهڙيون آهن، ٻنهي ملڪن جي ٻولي هجي يا ثقافت کان ويندي فلم انڊسٽريون ۽ ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ پاڪستاني توڙي سرحد پار رهندڙ پاڪ – ڀارت مقابلن جا منتظر هوندا آهن پر بدقسمتي سان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، ان گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي ڪرڪيٽ لاڳاپن کي به متاثر ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ۾ جڏهن ته ڪرڪيٽ راند ٿيندي آهي ته  مداحن  جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ايترو ئي نه پر عالمي دنيا به ان مقابلي کي تمام گهڻي اهميت ڏيندي آهي پر جيئن پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا مختلف دورن ۾ لاهن چاڙهن جو شڪار  رهيا آهن، ساڳئي ريت ٻنهي ملڪن ۾ راندين جا ميدان هجن يا فن جي دنيا معاملا اسان کي خراب ٿيندي ئي نظر اچن ٿا. ممبئي حملن کان  پوءِ ته ڄڻ  ته ٻنهي  ملڪن وچ ۾ مداح دنگل ڏسڻ لاءِ  آتا آهن.

ان صورتحال ۾ پاڪستان ۾ جڏهن عام چونڊن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان، جنهن پاڪستان کي عالمي ڪپ کٽرايو عمران خان ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ٿو ته پنهنجن ويجهن دوستن جن ۾ ڀارت جو اڳوڻو ڪپتان، نوجوت سنگهه سڌو، ڪپل ديو، سنيل گواسڪر ۽ ٻيا شامل آهن انهن کي دعوت ڏني وئي، جيتوڻيڪ ڪپل ديو ۽ سنيل گواسڪر ته ڪجهه سببن ڪري پاڪستان اچي عمران خان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي پر اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان پنهنجي پراڻي دوستي نڀائيندي سندس وزيراعظم طور حلف برداري تقريب لاءِ اسلام آباد ڏانهن سفر ڪيو، جنهن کي پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحاليءَ ڏانهن هڪ وِک چئجي ته غلط نه هوندو. سڌوءَ، عمران خان جي ڪامياب ٿيندي ئي پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ مخالفت باوجود هن پاڪستان اچي ثابت ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ نه رڳو ڪرڪيٽ پر سفارتي لاڳاپا به بهتر ٿي سگهن ٿا.

سڌو، جيڪو ماڻهن جي منهن تي مرڪون ويکريندو آهي، جيڪو هڪ بهترين رانديگر رهيو پر هن اهو به ثابت ڪيو ته دوستي سڀ کان مٿانهين آهي ۽ هو پاڪستان آيو، جتي هن اها به خواهش ظاهر ڪئي ته هو چاهي ٿو ته ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا بحال ٿين، ڇاڪاڻ ته ڇڪتاڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، جيڪڏهن ٻئي ملڪ  پنهنجا اختلاف وساري اڳتي وڌن ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

2014ع ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ جي حلف برداري تقريب ۾ ان وقت جو پاڪستاني وزيراعظم نواز شريف دهلي ويو هو، جنهن تي پاڪستان ۾ به ڪجهه حلقن طرفان مخالفت سامهون آئي هئي ۽ هاڻ 2018ع ۾ عمران خان جي وزيراعظم طور حلف برداري تقريب ۾ ڪنهن به سياسي شخصيت کي دعوت نه ڏني وئي پر ڪرڪيٽر مان ملڪ جي وزيراعظم چونڊيل عمران خان سان پراڻي دوستي جي بنياد تي نوجوت سنگهه سڌو سميت ٻين رانديگرن کي دعوت ڏني وئي.

واهگا بارڊر رستي پاڪستان پهتل سڌو  18هين آگسٽ تي  اسلام آباد ۾  عمران خان جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ڀارتي ميڊيا کي گهڻو چيڙائي وڌو، چوندا آهن ته ڏُکڻي کي ڏک به گهڻا، ڀارت ۾ ان وقت ماتم مچي ويو، جڏهن  تقريب ۾ شريڪ آرمي چيف ڀارت مان ڪهي آيل مهمان سان ڀاڪر پائي مليو ۽ هن کان خيريت معلوم ڪئي. پاڪستان سدائين پنهنجي مهمان نوازي  جو ثبوت ڏنو آهي پر ڀارت سدائين موٽ ۾ ان جي ابتڙ ڪيو آهي.

جيئن نواز شريف طرفان ڀارت وڃڻ تي پاڪستان ۾ اعتراض ٿيا هئا، ائين ئي ڀارتين به سڌوءَ جي پاڪستان لاءِ ڪيل سفر کي نظر ۾ رکندي مٿس تنقيد جا تيرَ وسائڻ شروع ڪيا پر کين اهو نظر ۾ رکڻ گهرجي ها ته سياست ۽ ڪرڪيٽ ٻه مختلف شيون آهن. عمران خان جي حلف برداري تقريب دوران پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي Sidhu# جو ٽرينڊ گردش ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ واهپيدار پاڪستان اچڻ تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر کي ڀليڪار چئي رهيا هئا، اتي ئي وري ڀارتي واهپيدارن طرفان تنقيدي حملن جو سلسلو شروع ٿيو. ڪجهه ڀارتين مطالبو ڪيو ته سڌو کي ڪانگريس پارٽي مان ڪڍيو وڃي، ايتري تائين جو ڪجهه ڀارتين لکيو ته ”سڌوءَ ڀارتي فوجين جي قاتلن سان ملي رهيو آهي“.

ان سان گڏوگڏ سڌوءَ جي ان قدم خلاف ڀارت ۾ ڀرپور احتجاج پڻ ڪيو ويو پر اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد رد ڪري ڇڏي. سندس موجب خطي ۾ امن لاءِ عمران خان جي دعوت تي ڀارتي حڪومت کي هڪ قدم اڳتي وڌڻ گهرجي ته جيئن واعدي موجب ٻه قدم اڳتي وڌي. سڌو جو چوڻ هو ته تقريب ۾ شرڪت لاءِ مون کي هڪ دوست گهرايو، 35 ورهين جي دوستيءَ کي مان ڏيڻ لاءِ اهو هڪ پرخلوص موقعو هو، مان ان دعوت کي وڏي عزت طور ڏسان ٿو، حلف کڻڻ وقت مون عمران خان کي ائين ئي پراعتماد ڏٺو، جيئن ماضي ۾ ڏسندو هيس. هن اهو به چيو ته اها هڪ تبديلي هئي ۽ تبديلي سدائين اميد پيدا ڪندي آهي، عمران خان طرفان اهو چوڻ ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم کڻندو ته اسان ٻه قدم کڻنداسين سٺي شروعات آهي، مان دعا ڪيان ٿو ته ڀارتي حڪومت هڪ قدم اڳتي اچي، ان سان گڏوگڏ هن اها تجويز به ڏني ته پاڪستان سپر ليگ ۽ انڊين پريميئر ليگ کٽيندڙ ٽيمن وچ ۾ ميچ ٿيڻ گهرجي، ان سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جا لاڳاپا بهتر ٿيندا. ڀارت هوئين ته پاڻ کي سيڪيولر رياست هجڻ جون بار بار دعوائون ڪندو رهيو آهي پر جڏهن امن ڏانهن وِک وڌائي وڃي ٿي ته ان جو ردعمل به اسان  جي سامهون آهي، سڌو کي هن وقت بدترين تنقيد جو نشانو بڻايو  پيو.

سڌو جو پاڪستان اچڻ ۽ ان تي عوام، ميڊيا توڙي رياست پاران ڪيل آڌر ڀاءُ اسان جي  سامهون آهي پر جيڪڏهن ٻي پاسي ڏسجي ته ماضي ۾ شعيب اختر ۽ وسيم اڪرم سان ڀارت ۾ ڪيل روين جا مثال اسان جي سامهون آهن ته ڀارت ڪهڙي ريت پنهنجي ذاتي رنجش کي هر ميدان تي گِهلي ايندو آهي.

عمران خان جي وزيراعظم چونڊڻ تي جتي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي حلقن خوشي جو اظهار ڪيو آهي، اتي وري اڳوڻن ڪرڪيٽرن انضمام الحق، وقار يونس، وسيم اڪرم، قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد توڙي ڪرڪيٽ سان واسطو رکندڙ ٻين شخصيتن ان کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، انهن جي نظر ۾ عمران خان سندن هيرو آهي، هن جنهن جذبي سان پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽرايو، اهڙي ئي ڪارڪردگي سان نه رڳو ملڪي ڪرڪيٽ ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو پر پاڪستان کي بحرانن مان به ڪڍي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ لاڳاپن جي بحاليءَ کي به هٿي ملي سگهي ٿي. حلف برداري تقريب ۾ اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي دعوت ڏيڻ ۽ سڌوءَ جي پاڪستان اچڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته نه رڳو ٻنهي ملڪن جو عوام پر ڪرڪيٽر پڻ پاڪ – ڀارت مقابلا ڏسڻ جا خواهشمند آهن، جنهن جو اظهار ٻنهي ملڪن جا ڪرڪيٽر ڪندا رهندا آهن، اهي فن، ثقافت ۽ رانديون ئي آهن، جنهن سان ڇڪتاڻ گهٽائي سگهجي ٿي، ڇو ته انهن جي ڪا سرحد ناهي هوندي.

پاڪستان جي نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان کي پاڪ – ڀارت مقابلن لاءِ اثرائتي پاليسي جوڙڻ جي گُهرج آهي ۽ هو ان حوالي سان اهم قدم کڻي سگهي ٿو، ڇو ته عمران خان پاڻ ڪرڪيٽر رهي چڪو آهي ۽ ان جا اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن سان لاڳاپا به سٺا آهن، جيڪڏهن ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ آءِ سي سي  جي طئي ٿيل شيڊيول  موجب ٿئي ٿي ته يقينن ان جو فائدو ٻنهي ملڪن کي پوندو ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام به هڪ ٻئي و يجهو اچي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جو عوام امن ئي چاهي ٿو پر ڀارت جي هٽ ڌرمي جي ڪري صورتحال سدائين خراب ٿيندي رهي آهي.  ان سان گڏوگڏ هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم به پَڪ ئي پَڪ پاڪ – ڀارت مقابلن جي خواهشمند هوندي، ڇو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ مقابلو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندو آهي، جنهن جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي به فائدو ٿيندو آهي، ان سان گڏوگڏ نجم سيٺي جي استعيفيٰ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي پي سي بي جو نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو آءِ سي سي ۾ اهو ڪيس کڻي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے