19 اربع , سيپٽمبر 2018

فلسطين جي ننڍڙي عمر جي صحافڻ : جھنا جهاد

يوسف سيف

فلسطين جي علائقي اولهه ڪناري جي ننڍڙي نينگري Janna Jihad Ayyad يا جنا تميمي کي دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جي صحافي طور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ”نبي صالح“ جي ڳوٺ ۾ رهندڙ تميمي گهراڻي ۾ هن ننڍڙيءَ نينگريءَ 6 اپريل 2006ع تي جنم ورتو. ڳوٺ ”نبي صالح“ يهودي قبضي خلاف مزاحمت جو وڏو پس منظر رکي ٿو. هن علائقي ۾ پئدا ٿيندڙ هر ٻار پنهنجي ننڍپڻ دوران ئي پنهنجي وڏڙن، مٽن مائٽن سان يهودي فوج جي ظلم کي ڏسندو، سهندو، محسوس ڪندو وڏي ٿئي ٿو. جنا پڻ اهڙي ئي ماحول جي پئداوار آهي، سندس والده نول تميمي (Nawal Tamimi) فلسطين جي خواتين واري وزارت ۾ آفيسر آهي. تميمي خاندان ”نبي صالح“ ۾ نوجوانن لاءِ اتساهه جو وڏو ذريعو آهي. ”جنا جهاد“ ستن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي والده جي آءِ فون سان وڊيو ٺاهڻ شروع ڪيا. هن ننڍڙي نينگريءَ پنهنجي چاچي ”بلاول تميمي“ کان اهو ڪم سکيو آهي، جيڪو ”ڊاڪومينٽريز“ ٺاهيندو آهي. هن وقت ”جنا جهاد“ جي عمر 13 سال آهي ۽ علائقي جي مڃيل ڪئمرا مين/صحافي آهي. تميمي خاندان پنهنجي ڀرپاسي ۾ يهودين خلاف مزاحمت جي حوالي سان شهرت رکي ٿي. هن گهراڻي پنهنجي ٻارن کي پڙهايو به آهي ۽ انهن ۾ خود اعتمادي پڻ پئدا ڪئي آهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ ”جنا جهاد“ ننڍڙيءَ عمر ۾ پاڻ کي تسليم ڪرايو آهي. الجزيره ٽي وي سان ڳالهائيندي ”جنا جهاد“ جو چوڻ آهي ته اسان جو پيغام ڪوبه صحافي دنيا ۾ پکيڙڻ لاءِ تيار نه آهي، تنهن ڪري مان اهو ڪم پاڻ پنهنجي ذمي کنيو آهي. هو انگريزي ۽ عربي زبان ۾ فلسطين جي صورتحال تي فلمون ٺاهيندي ۽ دنيا جي سڌ سماءَ جي ادارن کي ڏيندي آهي. جنا جهاد مطابق منهنجي ڀرپاسي ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، اهو دنيا کي ڏيکاريان ٿي ۽ ٻڌايان ٿي. يهودي فوجي اسان کان پنهنجي ڌرتيءَ کسڻ لاءِ هر قسم جو ظلم ڪن ٿا. پر دنيا هن ظلم تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جنا جهاد وڌيڪ چيو آهي ته اسان ٻارن کي خاموش رهڻ بجاءِ آزاديءَ جي لاءِ ويڙهه ڪرڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ جو سبق سيکاريون ٿا. هن پنهنجي سئوٽ مصطفيٰ ۽ پنهنجي هڪ ٻئي چاچي رشيدي جي قتل واري واقعي جي وڊيو ٺاهي هئي. ان وڊيو ۾ تشدد، فائرنگ ۽ هانوَ کي لوڏيندڙ واقعا فلمبند ٿيل آهن. اها صورتحال ئي فلسطين ۾ زندگيءَ جو حقيقي عڪس آهي. هن وقت سوشل ميڊيا تي ئي جنا جهاد جا هڪ اندازي مطابق 3 لک فالورز آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ جناد جهاد چيو ته اسرائيل جي انتظاميا مون کي پنهنجي لاءِ هڪ نئون خطرو قرار ڏنو آهي. منهنجو ڪم اسان سان ٿيندڙ ظلم بابت دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي جيڪو آئون ڪندي رهنديس.

هن ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي سربراهن کي مخاطب ٿي ڪري پنهنجا وڊيوز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيا آهن. ان کانسواءِ هن کي ترڪي جي حڪومت بهادري ۽ جرئت تي انعام پڻ ڏنو آهي. فلسطين ۾ انساني حقن جي لتاڙ بابت هن کي هاڻي عالمي ادارن پاران دعوت پڻ ڏني ويندي آهي. جتي هو دنيا کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته اوهان اسرائيل جون مصنوعات نه خريد ڪريو، ڇاڪاڻ جو اسرائيل ان رقم مان هٿيار خريد ڪن ٿا ۽ اهي فلسطين جي هٿين خالي ماڻهن خلاف استعمال ڪن ٿا. هڪ ٻئي انٽرويو دوران جنا جهاد چيو ته مون کي پنهنجي مائٽن جي گرفتار ٿيڻ ۽ انهن جي قتل ٿيڻ جو خوف رهي ٿو، پر زندگيءَ اهڙي ئي آهي. فلسطين جي مزاحمت ڪندڙ نينگريءَ ۽ ننڍي عمر جي صحافي جنا جهاد مطابق منهنجو هٿيار منهنجي ڪئميرا آهي ۽ مان اهو يقين رکان ٿي ته ڪئميرا جيڪا حقيقت ڏيکاري ٿي اها بندوق کان وڌيڪ طاقتور آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے