21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رسمي تعليمي نظام حڪمرانن جي هڪ ننڍي اقليت جو نظريو هوندو آهي

سنڌيڪار: گُلزار چنا

رسمي تعيلم (Formal Education)  ڪنهن به ملڪ ۾ رائج تعليمي نظام کي چيو ويندو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جو تعليمي نظام ان ملڪ جي سياسي نظام جو ئي هڪ حصو هوندو آهي.حڪومت ڪرڻ وارا ماڻهو ملڪ جي تعليمي پاليسي ٺاهيندا آهن ۽ بجيٽ  ۾ تعليم جي لاءِ رقم به اُهي مخصوص ڪندا آهن.اسان جهڙن پوسٽ ڪالونيل ملڪن ۾ فوج_بيوروڪريسي،ڪالونيل جاگيردار،فوج ۽ بيوروڪريسيءَ جو پيدا ڪيل صنعت ڪار طبقو ملڪ جو حڪمران طبقو هوندو آهي.حڪمران  ئي فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙي  طبقي  کي تعليم ڏيڻي آهي ۽ ڪهڙي طبقي کي تعليم کان محروم رکڻو آهي.حڪمران طبقي جي ٻارن کي ڪهڙي قسم جون تعليمي سهولتون ڏيڻيون آهن ۽ رعيت کي تعليمي لحاظ کان ڪهڙي سطح تي رکڻو آهي. هتي رعيت جو لفظ ان ڪري استعمال ڪيو آهي جو پوسٽ ڪالونيل رياستن ۾ رهڻندڙ  ماڻهن جي حيثيت هڪ شهري طور ناهي هوندي جيڪا جديد رياست ۾ تصور ڪئي ويندي آهي.

تعليم پنهنجي جوهر ۾ پاڻ ڪو مقصد ناهي.مقصد انهن ماڻهن جو هوندو آهي جيڪي تعيلم لاڳو ڪندا آهن، مطلب حڪمران طبقا.حڪمران طبقو تعليمي نظام کي پنهنجي حساب سان ترتيب ڏيندا آهن ته جيئن هُو موجوده سياسي ۽ اقتصادي نظام کي بچائي رکڻ ۾ مدد ڏين. جيڪو طبقو رياست تي قابض هوندو آهي اُهو پنهنجي مقصد کي تعليمي نظام  جي ذريعي ماڻهن تي مڙهيندوآهي.ان کي قومي مقصد جو نالو ڏنو ويندو آهي.جڏهن ته قومي مقصد دراصل حڪمرانن جا مفاد هوندا آهن. تعليمي نظام به حقيقت ۾ حڪمرانن جي هڪ ننڍي اقليت جو  ئي هڪ نظريو  هوندو آهي. جنهن جو سهارو وٺي اُهي  پنهنجيءَ حڪمراني کي پائيدار ڪنداآهن.انساني تاريخ ۾ هيستائين تعليم جا ٽي قسم آزمايا ويا آهن. جن جو تعلق بنيادي طور تي ٽن سياسي نظامن سان آهي.جيتوڻيڪ سياست معشيت کان هٽي ڪري پنهنجو الڳ وجود نه ٿي رکي ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته ٽن معاشي نظامن ٽن قسم جي تعليم کي متعارف ڪرايو.

1.تعيلم بطور زيور:

زرعي معشيت جي دور ۾ سياسي نظام جئين ته جاگيرداري هو، جنهن کي اسان بادشاهي دور جي نالي سان سڃاڻون ٿا. بادشاهن جو مقصد اقتدار جي برقراري هو ۽ رعيت جي زندگيءَ جو مقصد بادشاھ جي خدمت ۽ فرمانبرداري  ڪرڻ هو.تعليم ان زماني ۾ ڪنهن فرد جي انفرادي ۽ اضافي خوبي هوندي هئي ۽ تعليم جو سڌيءَ ريت زندگي جي ڪاروبار سان تعلق نه هئو. ان ڪري بادشاهن ان تي ڌيان نه ڏنو. هر زماني ۾ انفرادي طور تي اهڙا مفڪر ۽ دانشور پيدا ٿيا جن پنهنجي ذاتي خواهش مطابق علم جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ اعلي مرتبي جو تخليقي اضافو ڪيو.مختلف مقصدي علم تي تحقيقي ڪم ڪيو. جڏهن ته اهو لاڙو عام هو ته علم معمولي مقصدحيات کان مٿانهون آهي.ان وقت  اهو سمجهيو ويندو هو ته تعليم کي ڪنهن خاص مقصد جو پابند نه هئڻ گهرجي.، ڇوته علم جو مقصد فقط حقيقتن جو انڪشاف آهي يا ابدي حقيقتن جي تلاش آهي. اسان ڏسون ٿا ته ماضي ۾ هڪ تمام وڏي تعداد ۾  فلسفي،صوفي،مفڪر ۽ دانشور موجود هئا جن پنهنجي پوري زندگي غور ۽ فڪر ۾ گذاري ڇڏي.ان غور ۽ فڪر جوميدان انساني زندگي کان هٽي رڳو نظرياتي ۽ تصوراتي دنيا تائين محدود هئو. تڏهن علم به هڪ محدود طبقي جي اجارادري ۾ رهيو ۽ فقط فڪري مشق جي طور تي جاري رهيو. 18هين صدي  تائين  علم جو گهڻي ڀاڱي حصو ادب، شعر وشاعري،داستان،ناول ۽ ڊرامو هو.پر ان جو اهو مطلب  ناهي ته فلسفو طب ۽ سائنس اڻ لڀ هئا.

زرعي  دور ۾ تعليم کي زيور سمجهيو ويندو هو ۽ ٻارن کي تعليم جي زيور سان سينگاريو ويندو هئو. اها تعليم ٻارن جو اخلاق سنوارڻ،انهن ۾  خود اعتمادي پيدا ڪرڻ،ڪردار ۾ پختگي جي مشق ڪرائڻ.ادب ۽ آداب سيکارڻ ، وسيع القلبي جو کين عادي بنائڻ ۽ خود شناسي جي عمل مان گذارڻ تي مشتمل هو.اخلاق کي مذهب  جو ئي لازمي حصو سمجهيو ويندو هئو ۽ ٻارن کي اخلاقي تربيت لاءِ مذهبي تعليم ڏني ويندي هئي. هندو  ڀاٽ شالائن ۾  ۽ مسلمان مدرسن  ۾ اخلاق  جي تعليم حاصل ڪندا هئا. هر مذهب اخلاق  کي پنهنجي  تعليم جو  مابعدالطبيعات جي هر دعوه وانگر ابدي ۽ اڻ مِٽ سمجهندو هو. بادشاه کي خدا جو سايو هئڻ يا ديوتائن جي اولاد  هئڻ جي تصديق مذهبي پيشيوا ڪندا هئا اِن ڪري بادشاهت ۽ پيشوايت جو پاڻ ۾ تعلق لازم ملزوم  هو.

بادشاھ فقط جبر ۽ استبداد جو سهارو وٺي ڪري پنهنجي حڪمرانيءَ کي قائم نه رکندو هو بلڪي بادشاهه جي اطاعت مذهبي فرض پڻ هو.

اها سموري تعليم استاد جي پنهنجي ذاتي طور منظور ڪيل تعليم هئي. سمجهيو ايئن ويندو هو ته استاد پنهنجي ذاتي ڪوشش ذهانت، شوق، تجربي ۽ مطالعي مان جيڪو حاصل ڪندو هو. اهو شاگردن کي منتقل ڪري ڇڏيندو .سمورو علم خبري هو. مابعدالطبعياتي علم وانگر خبري علم به بي جان هوندو هو. زرعي دور ۾ تعليم کي سماجي خدمت سمجهيو ويندو هو. ان ڪري اهڙي علم کي زيور سمجهيو ويندو هو. اڄ به توهان اسڪول  جي چارديواري تي اهڙا قول لکيل پڙهندا آهيو ته علم هڪ اهڙو زيور آهي جنهن کي ڪير چورائي نه ٿو سگهي.

  1. تعليم براءِ معاشي ترقي ۽ سرمائيداراڻي جمهوريت جي حفاظت:

تعليم جي باري ۾ ٻيو خيال يورپ ۾ صنعتي انقلاب جي دوران ظاهر ٿيو.صنعت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي علم جي اهميت  کي وڌايو ۽ تعليم کي پيداواري عمل جو حصو بڻايو.ان دوران معشيت ۽ تجارت سان لاڳاپيل علم به بي پناھ ترقي ڪئي. هاڻي زراعت  موسم جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل ناهي. زرعي ٽيڪنالوجي، ڪيميائي ڀاڻ ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ مصنوعي ٻج سان لاڳاپيل علم سائنس جو درجو حاصل ڪري ورتو ۽ زرعي صنعت وجود ۾ آئي.طب هاڻي ميڊيڪل سائنس  بڻجي وئي. جنهن مان ميڊيڪل ٽيڪنالوجي ۽ فارميسي دنيا جي منڊين جو رخ ڪيو.آمد و رفت ۾ سائيڪل کان وٺي بحري جهازن جون صنعتون قائم ٿيڻ شروع ٿي ويون. ايستائين جو  فلم ۽ ميڊيا به هڪ انڊسٽري بڻجي وئي.صنعتي دور ۾ سائنسي علم سرمائيداري کي عروج ڏنو ته سرمائيداريءَ سائنسي  علم کي انتها تائين پهچايو.

صنعتي معشيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري سياسي نظام سرمائيداراڻي جمهوريت جي عملي نفاذ، اداران  جي جوڙجڪ کي ۽ سماجي علم جي اهميت کي وڌايو. ڪجهه نوان سماجي علم به پيدا ٿيا.جهڙوڪ فرد جا حق،تعليم ،صحت،آبادي جو ڪنٽرول،فوج،قانون،عدالتون ايستائين جو ماحول کي به صاف سُٿرو رکڻ. زندگيءَ جو هر شعبوهڪ نئين علم جو گهرجائو هئو.ان طرح سماجي علم کي به وڌڻ جو موقعو مليو ،هاڻي تعليم زيور نه رهي  ۽ تعليم جو فائديمند پاسو  آڏو اچڻ لڳو.جنهن جو مطلب هو  فڪر ۽ ادراڪ جي تربيت زندگي سان بي تعلق نه هجڻ گهرجي.

1789ع جي فرانسيسي انقلاب کانپوءِ جمهوريت جو موجوده دور شروع ٿيو.جمهوري زندگيءَ جو سڀ کان اهم قدر فرد جو احترام آهي.ان خيال هيٺ هر فرد کي ان ڳالھه جو  پيدائشي حق حاصل آهي ته اهو فطرت جي مظهرن ۽ قدرت جي خزانن مان فائدو وٺي.پر اهو ان وقت ممڪن آهي. جڏهن فرد جون صلاحيتون پوري طرح بيدار ٿي سگهن. ماهرِ نفسيات ۽ تعليمدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته هر فرد ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود هونديون آهن. انسان توانائيءَ جو سرچشمو آهي.پرڪو فرد پوري طرح پنهنجن صلاحيتن کان واقف ناهي هوندو اهو ڪم فقط تعيلم جو آهي.

صنعت جتي سرمائيدار طبقي جي هڪ ننڍي اقليت کي پيدا ڪيو اُتي هڪ تمام وڏي اڪثريت مان مزدور ۽ پورهيت طبقي کي به پيدا ڪيو.ان طرح معاشري  جي طبقاتي تقسيم وڌيڪ واضع ۽ منظم ٿي.سرمائيدار اهو چاهي پيو ته عوام جي برابري جو دائرو فقط سياسي معني تائين محدود رکجي ۽ مزدور سرمائيدارن جي حڪومت کي پنهنجي حڪومت مڃيندو رهي.

معشيت جي علم سرمائيداري کي قابو ۾ رکڻ جو وڌيڪ امڪان پيدا ڪيو ۽ اقتصادي منصوبندي جي پيش قياسي ۾ مدد ڏني.بلند معيار  جي تجارت کي زبردست هٿي ملي، وڏي پيماني جون ڪارپوريشنون، هڪ هٺيون ۽ قيمتن کي مٿانهن سطع تي رکندڙ  سرمائيدار يونين هڪ نسبتن محدود طبقي جي هٿ ۾ زبردست اقتصادي  طاقت کي هڪ جڳهه تي ڄمائي ڇڏيو. ان سان گڏ سرمائيداري نظام پنهنجي عروج تي پهچي ويو. پوءِ ائين ٿيو ته آزاداڻي مهم جوئي Free Enterprise جي ڪري اهو نظام خود پنهنجي پيچيدگين  کي حل ڪرڻ کان لاچار رهيو ۽ نتيجي ۾ نه صرف عام بيروزگاري بلڪي ججھي ۽ ڍنڍين ڍير پيداوار لاڳاتار ٿيڻ جي ڪري عوامي غربت ۽ افلاس جو مسئلو به پيدا ٿي پيو.

اِن طبقاتي صورتحال کي ابراهيم لنڪن خوبصورت لفظن ۾ هينئن بيان ڪيو آهي. ”انساني تاريخ جي هر دور ۾ ائين ٿيو آهي ته ڪجه ماڻهن پورهيو ڪيو ۽ ٻين بغير محنت جي ثمرات مان فائدو ورتو.اها نامناسب ڳالهھ آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ نه گهرجي. ڪنهن به سٺي حڪومت جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته مزدور  جيڪو پنهنجي جسماني ۽ ذهني محنت سان زمين تي موجود زندگي کي سنڀالي بيٺو آهي. ان کي پنهنجي محنت جو پورو صلو ملي“.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يورپ جي مالدار طبقي جا ما ڻهو جيڪي وڌ کا ن وڌ پيداڪار ۽ صنعت ڪار هئا تعليم جي اشاعت جا حامي هئا ۽ صنعت جي فروغ لاءِ حقيقي خواندگي ۽ ٽيڪنڪي تعليم ضروري آهي. پر ان زماني ۾ پورهيت طبقو ڪا منطم سياسي طاقت نه هئو ۽ خود پنهنجي تعليم جي باري ۾ حيرت انگيز حد تائين خاموش هئو.هڪ مُدت تائين ”هيٺين طبقي“ جي تعليم جو فيصلو اقتدارڌڻي ڪندا هئا.

پرآهستي آهستي پورهيت طبقي کي سرمائيداري جا لڪيل راز سمجهه ۾ اچي ويا.ننڍي اقليت (سرمائيڪار) اڪثريتي ماڻهن (پورهيتن) جي محنت جو نفعو پنهنجي جيب ۾ وجهڻ لاءِ آزاد هئي ۽ تمام گهڻن خاندانن جي اڪثريت اهڙي آمدني تي آڌاريندڙ هئي، جيڪا معمولي زندگي جون گهرجون پوري ڪرڻ لاءِ مشڪل سان جئيندي هئي.انساني مساوات جو دائرو فقط ووٽ ڏيڻ تائين هئو.جڏهن ته زندگي جا سمورا شعبا بُري طرح اڻ برابري جو شڪار هئا.پورهيت طبقي زندگيءَ جي تجربن مان سکيو هئو ته سرمائيداري نظام جو مطلب آهي، ننڍين اقليتن کي امير رکڻ لاءِ وڏي اڪثريت کي غريب رکيو وڃي، ۽ جمهوريت جي نالي تي غريب ماڻهن جو  استحصال ڪندڙ هڪ گروھ ياٻي کي پنهنجو حاڪم بڻائڻ جي آزادي هجي. تعليمي سماجيات جي ماهر اي.سي.ڪي اوٽاوي برطانوي پارليامنٽ ۾ ٿيندڙ تقريرن جي ذريعي پورهيتن جي تعليم متعلق حڪمران طبقي جا خيال پيش ڪيا آهن.”غريبن ۽ پورهيتن کي تعليم ڏيڻ جو مقصد هڪ نظريي جي حيثيت سان چاهي ڪيترو  وڻندڙ هجي. سندن اخلاق ۽ شادماني ٻنهي لاءِ تباھ ڪُن ٿيندو.هنرمندي ۽ ٻي محنت طلب ڌنڌن مان هنن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي بجاءِ هنن کي پنهنجي دنيوي حالت کان نفرت سيکاريندي.ان جي بدلي ۾ هُنن ۾ باغيانه پمفليٽ شرانگيز ڪتاب ۽ عيسائيت جي خلاف ڇڏيل مواد پڙهڻ جي لياقت پيدا ٿيندي. تعيلم هنن جي اندر پنهجن آقائن جي خلاف گستاخانه جذبات پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندي ۽ تمام جلد قانون ساز ادارا پنهنجي طاقت  جابراڻي گرفت جي شڪل ۾ هنن (پورهيتن) جي طرف وڌائندي نظر ايندا“.

اِهي سماجي علم جن جي غيرجانبداري کي سائنسي علم وانگر مڃيل مامرو ثابت ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو هو. اهي به سرمائيداراڻي جمهوريت جي خدمت ڪندي نظر آيا.تاريخ کي ئي وٺو تاريخ جو سرمائيداراڻو نظريو هئو ته چند شخصيتون تاريخ ساز هوندويون آهن.اهي شخصيتون مافوق الفطرت طاقتون رکنديون آهن.عام فرد ڪجهھ ناهي هوندو.گلستان ۾ مفڪر،ڏاها ماڻهو وڏي مشڪل سان پيدا ٿيندي تاريخ ٺاهيندا آهن. پر سائنس جي ڪجهھ دريافتن چند اهڙين حقيقتن کي بي نقاب ڪيو، جنهن مان ثابت ٿيو ته محنت ڪندڙن ئي انسان کي قدرت جو مالڪ ٺاهيوآهي.عام انسان ئي تاريخ ٺاهينداآهن.ان طرح1989ع ۾ هميشه کان بادشاهت جو خاتمو ڪندڙن ۾  اڳڀرائي ڪندڙن 1871ع ۾ ”پيرس ڪميون“  برپا ڪري ڇڏيو.دنيا جي تاريخ کي نئون موڙ ڏنو. ان انقلاب جو مطالبو هئو ته اجتمائي انساني محنت مان ڪيل پيداوار مان حاصل ڪيل نفعو اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي  تي خرچ ٿيڻ گهرجي.ان سان تعليم جو هڪ ٽيون قسم جنم ورتو.صنعتي دور جنهن تعليم کي فروغ ڏنو اهو تجربي علم هئو.اهو تجربي پيداواري عمل جي دوران پيدا ٿيو ۽ پوءِ ان پيداواري صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو.علم کي مسئلن جي حل جو هٿيار سمجهيو وڃڻ لڳو.ان ڪري اها تعليم مسئلن جو حل هڪ جڳھ تي ٽِڪ ٿيل تعليم هئي.

3.تعليم براءِ اجتماعي فلاح ۽ ڀلائي:

فرانسسي انقلاب سرمائيدارن جاگيردارن جي غلبي کي ختم ڪرڻ لاءِ برپا ڪيو هئو، ته جئين سياسي اقتدار حاصل ڪري پنهنجن معاشي مفادن جي پرورش ڪري سگهن.سرمائيداريءَ غيرمحدود انفراديت جي ڪري عروج حاصل ڪري ورتو.جڏهن ڪنهن فرد کي غيرمحدود طريقي سان دولت ميڙڻ جو موقعو حاصل ٿي وڃي ٿو ته ٻين جو به استحصال ڪندو آهي.تنهن ڪري عوام جي حالت بدستور نٻل رهي.مارڪس ۽ اينگلس ان صورت حال جو تجزيو ڪندي لکيو ته پورهيت عوام  جي حالت ان وقت تائين بهتر نه ٿي سگهندي، جيستائين اُهي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري استحصال جو خاتمو نه ٿا ڪن.تنهن ڪري فرانس جي پورهيتن جهڙي طرح جاگيرداري جي خاتمي ۾ اڳڀرائي ڪئي. ان طرح سرمائيداري جي خاتمي ۾ به اڳيان وڌي ڪري 1871ع ۾ پيرس تي قبضو ڪري ورتو جيڪا حڪومت 70 ڏينهن تائين قائم رهي ۽ دنيا جي پورهيتن جي لاءِ آئنده  انقلاب جون راهون هموار ڪيون. روس،چين ۽ اوڀر يورپ جي ملڪن ۾ انقلاب برپا ٿيا ۽ سرمائيداري جو خاتمو ڪري پورهيتن وسيلن تي قبضو ڪري ورتو.اهي سوشلسٽ انقلاب هئا.

انهن انقلابن جو معاشي فلسفو اهو هو ته زمين ۽ مشين جي ذريعي ججهي دولت پيدا ڪن. ان سان اڪثريت کي فائدو پهچي.ماڻهو جيڪي دولت پيدا ڪن ٿا هنن جي لياقتن جي نابرابري جو خيال رکندي سندن محنت جو پورو  پورو صلو ڏنو وڃي ته جئين ان گهڻائي جي ثمرات ۾ حصو وٺي اهي برابرجا حقدار ٿين.ان معاشي فلسفي مان جيڪو سياسي نظام پيدا ٿيو ان کي عوامي جمهوريت چون ٿا.يعني 99.99  سيڪڙو ماڻهن جو راڄ.حڪومت  جو مطلب آهي حڪم هلائڻ. جڏهن ته عوامي جمهوريت جو مطلب آهي زندگيءَ جي ڪاروبار هلائڻ ۾ عوام جي شرڪت. ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي ته جڏهن پورهيت طبقو زندگي جي مختلف شعبن ۾ منظم هجي.عوامي جمهوريت تعيلمي نظام جو عملي نمونو پيش ڪيو ان نظام مطابق علم گهڻو وسيع تر معني ۾ انهن حقيقتن ۽ نظرين تي مشتمل آهي جيڪو هڪ فرد جي ڪنهن مظهر کي سمجهڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي قابل بڻائيندو آهي.علم جو عملي پاسو ۽ ٻيو ڪنهن فرد کي ان تي عبور اهو آهي ته اهو فرد ڪنهن ان علم کي  ڪنهن به صورتحال (مسئلي) جي وضاحت،ڪنٽرول،اڳڪٿي ۽ ان جي حل لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.

سائنسي تعليم جي ذريعي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ،ٽيڪنالوجي سان نظراچڻ وارن امڪانن کي هر رنگ ،صورت ۽ نسل کان وڌ کان وڌ عوام  جي صحت ۽ تحفظ جي حاصلات ۾ استعمال ڪيو وڃي.

علم سڄي دنيا جي انسانن جو گڏيل ميراث آهي.سائنسي ايجادن کان عالم انسانيت کي گڏيل فائدو پهچايو وڃي.گهٽ ۾ گهٽ رهائش،علاج،خوراڪ جي فراهمي هر انسان جي لاءِ مفت ممڪن هجي.تعليم هر انسان جو پيدائشي حق آهي.تعليم دوران شاگردن جي تعليمي ۽ زندگي گذارڻ جا سمورا جا سمورا خرچ ڏيڻ رياست جي ذميواري هجي.

سماجي علم جيڪو سرمائيداري جي خدمت جو فرض سرانجام ڏئي رهيو هئو.ان جي تحقيق کي سائنسي بنيادن تي سڌو ڪري ان کي سماجي سائنس بڻايووڃي ته جئين اهو انسان جي باعزت مقام ۽ اعلي معيارِ زندگي کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿئي.سائنس جيان غيرجانبدار ٿئي.تڏهن کان سماجي علم جو رخ سائنس جي طرف ٿيندو.

اهو علم جيڪو مادي ترقي نه ٿو ڏياري سگهي اهو روح جي نشونما لاءِ به بي ڪار هوندو آهي.سوشلزم فرد جي اندر ۾ لڪيل  خودغرضي سان جنگ ڪئي ان ريت اخلاق جو معيار انسان جي اجتماعي ترقي ۽ ڀلائي قرار ڏنو ويو.اخلاق کي ڪنهن تعليم کان مٿانهون هجڻ بجاءِ انسانن جي فائدي يا نقصان سان جوڙيو.هيستائين ٽن طرح جي رسمي تعليم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جاري رهي.

رسمي تعليم Formal Education رياست تي قابض حڪمران طبقي طرفان لاڳو ڪئي ويندڙ تعليم آهي.جيڪا بادشاهت ،جمهوريت ۽ سوشلسٽ نظامن ۾ الڳ الڳ هوندي آهي.جيڪڏهن غيرملڪي ڪنهن ملڪ تي قابض هجن ته اهي پنهنجي مقصد کي پورو ڪرڻ واري تعليم ڏيندا آهن.

( ليکڪ: محمد مسعود خالد)

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے