21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سِنڌُ جي اَدلَ جا 68 سال

فرهاد جيلاني

هيءَ پوري دنيا توڙي سموري سنڌُ عظيم ڏاهن، اعليٰ خيالن جي علمبردارن سان ڀري پئي آهي هر ڪنهن پنهنجي نشست پنهنجي سوچ ۽ خيالن جي اڏام سان محفوظ ڪئي آهي ايئن ئي سنڌ جا شاعِر پنهنجي اعليٰ خيالن سان سنڌي ادب جي واڳ کي مضبوطيءَ سان جهلي سنڌي ادب جي نگهباني ڪري رهيا آهن، جن  جو مقصد مقبوليت نه پر اڀرندڙ ذهنن جي آبياري ڪرڻ آهي. انهن منجهه ادل سومري جو نالو به اچي وڃي ٿو جنهن پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو ادب کي ڏنو آهي. 15 آگسٽ 1955جي ڏهاڙي تي ادب جي دنيا ۾ هڪ مکڙي کلي پئي جيڪا اڄ هڪ وڏو گلشن بڻجي ڪري انيڪ مکڙين کي ڇانورا بخشي رهي آهي. ادل سومرو سنڌ  جو اهو شاعر آهي جنهن هميشه کان ئي شاعريءَ تي ڀرپور نموني ڪم ڪيو آهي،  پنهنجي ادبي زندگيءَ ۾ 10 کان مٿي ڪتاب الڳ مضمونن تي سنڌي ادب جي جهوليءَ کي عطا ڪيا آهن جيڪي تقريبن سڀ ئي مقبول بڻيا آهن جن منجهه “ اسين مسافر پيار جا” ،“سمنڊ جاڳي ٿو” “ وساري نه ڇڏجو” ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن .انهيءَ کان علاوه هُو ٻارڙن جي شاعر جو اعزاز به ماڻي چڪو آهي،ادل ٻارن لاءِ 15 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ “مٽيءَ جا رانديڪا” ، “آچر جا احوال” ، “پوپٽ جهڙا گيت” ۽ ٻيا ڪتاب گهڻا مقبول آهن. سنڌ جي هن سرموڙ شاعر ڪٿي انقلابي بڻجي ته ڪٿي محبت جو سفير بڻجي پنهنجا خيال پنهنجين لکڻين ۾ آندا آهن،

سڀڪو سمجهي ڪين ٿو، قصو هيءُ قديم،

رهيو عشق عظيم، آهي هر ڪنهن دور ۾ .

ادل جي شخصيت نهٺائي، سان ٽمٽار آهي، هو هڪ ئي ملاقات ۾ ماڻهوءَ کي پنهجو شائق بڻايو ڇڏي. سچ ته معاشري ۾ اهو ئي اديب جو ڪردار هجڻ گهرجي جو هڪ ئي ملاقات منجهه هو ملندڙ کي پنهنجو زر خريد بڻائي ڇڏي. سنڌ جي ادل سالن کان هر هڪ ڏينهن تي هر هڪ موضوع کي چوسٽي ۾ بند ڪري پنهنجا خيال لوڪ تائين پهچايا آهن.

ادل سومري  پنهنجا 68 سال سنڌ کي ارپيا جڏهن ته هن پنهنجي زندگيءَ۾ انيڪ ڏکاين کي منهن ڏئي ڪري پاڻ کي ادبي ميدان ۾ برقرار رکيو ۽ انيڪ اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيا جن ۾ ثقافت کاتي پاران مليل بيسٽ بڪ ايوارڊ، تمغه امتياز ، سچل سرمست بيسٽ پوئٽ ايوارڊ، ڪاروانِ ادب ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا . ادل سومرو جنهن جو قلمي نالو عبدالڪريم سومرو آهي خيرپور جي سرزمين سان سلهاڙيل رهي انيڪ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، هن وقت پاڻ شاهه لطيف يونيورسٽي جي پروفيسر طور ڪم ڪري چڪو آهي جتان هن سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. پنهنجي بيچلرس ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ ورسٽيءَ مان حاصل ڪري ادبي دنيا ۾ اڃا وڏو نالو ڪمايائين جڏهن ته هن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ جو ڪو به  فڪر نه هوندو هيو.ادل سائينءَ ڪڏهن ڪڏهن ويڳاڻو هوندي به پاڻ کي ڪڏهن اڪيلو محسوس نه ڪيو آهي جيئن هن پاڻ ئي چيو آهي ته؛

دوست سڀ مصروف آهن سومرا،

اڄ پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ٿي وڃي.

ادل سومري پنهنجي زندگيءَ ۾ غزل ، هائيڪو ، ٽيڙو، چوسٽا، بيت ، گيت ۽ ٻين صنفن تي گهڻو ڪم ڪيو جڏهن ته اڄ ادل جي شاعري پڙهي ۽ مختلف سرن ۾ ڳائي وڃي ٿي جيڪا دنيا جي تقريبن 36 ئي موضوعن تي(امر جليل چواڻي) لکيل آهي ادل سومري جو هڪ ٽيڙو آهي ته ؛

شاهه سچل سامي،

پياري ڀري پرڀات جا،

آهن پيامي .

سندس شاعريءَ ۾ ترنم ، تجنيس حرفي ، تجنيس زائد ۽ ٻيا موجود عنصو ملن ٿا جيئن مٿين ٽيڙوءَ ۾ “پيار ڀري پرڀات” تجنيس جو پورائو ڪري ٿي.

هر انسان جي ادبي دنيا ۾ پنهنجي جڳهه هوندي آهي جيئن پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اڏار سان انسان پنهنجي جڳهه جوڙي وٺندو آهي جيڪا هن کي آسمان جي وسعتن تائين رسائيندي آهي. ادل جهڙا املهه  موتي دنيا ۾ گهٽ ئي ملن ٿا جن جو قدر جوهريءَ جيان هڪ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ڀٽائيءَ جي هيٺ بيان ڪيل شعر جهڙو ادل سومرو پنهنجي ادبي سڀاءَ ذريعي قوم جي نوجوانن ۽ معاشري جي ٻين سڀني فردن جي آبياري ڪندو رهندو

مائون سي مرڪن، جنين جنگ نپايا،

ٻين ويچارين، ڄڻيندي ڄمار ويئي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے