21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ

رکيل مورائي

سنڌي ڪهاڻي ڪالهه ۽ اڄ جي وچ ۾ هلي رهي آهي، مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ جي عمر هڪ صدي ڪا گهڻي عمر نه آهي، پر اڄ جي سنڌي ڪهاڻي پڙهي خوشي ان ڪري ٿئي ٿي جو ان جو سفر چڱو تيز رفتاريءَ سان هليو آهي. اڄ جي ڪهاڻي گهڻو اڳتي نڪري آئي آهي، سنڌي ادب لاءِ اها ڳالهه اهميت واري آهي.

ڪهاڻي جيئن تيز لکجي رهي آهي، تيئن ئي ان جا ڪتاب پڻ تيزيءَ سان اچي رهيا آهن. جن مان هڪڙو ڪتاب نوجوان ڪهاڻيڪار هوش محمد ڀٽيءَ جو به آهي، جيڪو تازو ئي ” ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ جي نالي سان ڇپيو آهي.

هوش محمد ڀٽيءَ جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي ۽ ڪهاڻين جو ٻيون ڪتاب آهي ان ڪري پڪ سمجهڻ گهرجي ته هُن جو ڪهاڻيءَ ڏانهن وڌيڪ ڌيان آهي. مجموعي طور هوش محمد ڀٽيءَ جي سڃاڻپ سميت گهڻو ئي ڪجهه هن ڪتاب ۾ آهي. ساڳئي وقت سندس هيءُ ڪتاب اهو پڻ ٻڌائي ٿو ته هو مسلسل ڪهاڻي لکي، سنڌي ادب کي گهڻو ئي ڏيئي سگهي ٿو، ڪتابن جي نالن جي فهرست کان ٻاهر!

”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ نالي وارو هيءُ ڪتاب ڪهاڻي جا گهڻيئي موضوع کڻي آيو آهي پر سچ اهو آهي ته جيڪي موضوع آفاقي آهن، اُهي آهن هڪ سڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهه!  ۽ هن ڪتاب تي اُهي ٻئي موضوع ڇانيل آهن، جنهن مان سمجهي سگهبو ته هوش محمد ڀٽي نهايت سنجيدگيءَ سان ڪهاڻي طرف وڌي رهيو آهي ۽ پڪ سان هو سنڌي ڪهاڻيءَ کي چڱيون وکون اڳتي وٺي ايندو ۽ سندس اصل سڃاڻپ به اها ئي هوندي.

سندس هن ڪتاب جيڪا سندس سڃاڻپ ڏني آهي، اها هڪ محب وطن نوجوان لکاريءَ واري آهي، ظاهر آهي هو جنهن عمر مان گذري رهيو آهي اُن عمر ۾ رومانس ڏانهن لاڙو فطري آهي. تنهن هوندي به سندس ڪهاڻيون چڱي دائري ۾ ڦهليل آهن جيڪي سنڌي ادب کي موضوعاتي ويڪرائي ڏانهن کڻي اينديون، شرط اِهو آهي ته سندس جذبو سلامت رهي ۽ مطالعي سان سندس ڳانڍاپو رهي. نيڪ خواهشن سان سندس هن پڙهڻ جهڙي ڪهاڻي ڪتاب تي کيس مبارڪ!

”ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ“ ڪتاب ۾ هوش محمد جون سترهن ڪهاڻيون آهن جن  جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي هڪ ٻئي نامياري ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار جا ڪجهه لفظ آهن، ائين هيءُ ڪهاڻي ڪتاب هڪ سئو ٻارنهن صفحن تي ٻڌل آهي، پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے