22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڇا توهان پنهنجي عمر کان وڌيڪ وڏا نظر اچو ٿا؟

جاويد علي سومرو

جيڪڏهن ها ته پوءِ جينياتي پيچيدگين کان هٽي ڪري روزاني زندگي جا کوڙ عنصر اهڙا هوندا آهن جيڪي وقت کان اڳ ئي پوڙهائپ جو ڪارڻ بڻجي ويندا آهن. جيڪڏهن توهان آئيني ۾ اهڙو منظر نٿا ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي روزاني جي عادتن ۾ تبديلي آڻڻ ئي بهترين طريقو ثابت ٿي سگهي ٿو، اهڙين ئي ڪجھ عادتن جي باري ۾ اسان توهان کي ڄاڻ مُهيا ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهي ڪهڙيون عادتون آهن جيڪي وقت کان اڳ اوهان کي پوڙهو ڪري رهيون آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿيون.

گهٽ سڻڀ وارو کاڌو

عمر جي ٽئين يا چوٿين ڏهاڪي ۾ گهنجن کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته توهان پنهنجي غذا ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز شامل ڪريو. جيئن چمڙي تازگي سان ڀريل ۽ صحتمند رهي سگهي، جيڪڏهن غذا لوفيٽ هوندي ته توهان اوميگا ٿري لوڪيٽ کان محروم ٿي ويندا، جنهن جي نتيجي ۾ توهان جي چمڙي وقت کان اڳ ئي پوڙهي نظر ايندي.

 

اسٽرا ذريعي شربت پيئڻ

ڪنهن به شربت کي نلڪي ذريعي پيئڻ سان توهان جا ڏند ته داڳ لڳڻ کان بچي سگهن ٿا، پر توهان جا چپ سڪڙجڻ وارو عمل توهانجي اکين ۽ چهري جي چئوڦير گهنج پوڻ جو سبب ضرور بڻجي وڃي ٿو، ان ڪري ڪو به شربت گلاس ذريعي پيئڻ ئي وڌيڪ بهتر آهي. واضح رهي ته سگريٽ واپرائيندڙ ماڻهو به ان مسئلي جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

 

پاسيرو ٿي سمهڻ

پاسيرو ٿي سمهڻ وقت توهانجو چهرو دٻيل هوندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڳلن ۾ گهنج پوڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سڌو ٿي ليٽڻ ننڊ لاءِ سڀ کان بهترين انداز آهي، جيڪو جسم کي جوان ۽ تازگي سان گڏوگڏ پر سڪون به رکندو آهي.

 

ويهڻ جو انداز

ويهڻ جي غلط انداز سان ڪرنگهي جي هڏي تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ رڳون ۽ هڏيون غير معمولي حد تائين دٻاءُ جو شڪار ٿي وينديون آهن. گهڻي عرصي تائين ان عادت تي عمل ڪرڻ جو اثر سور ۽ ٿڪاوٽ جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، جيڪو مستقبل ۾ هڪ مرض جي شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو.

 

وڌيڪ وقت ويهي گذارڻ

ڏينهن ۾ وڌيڪ وقت ويهڻ توهان لاءِ وقت کان اڳ پوڙهائپ جو وڏو  ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو، اهو پهريان ئي ثابت ٿي چڪو آهي ته وڌيڪ وقت ويهي گذارڻ سان ڪيترائي مرض جهڙوڪ ٿولھه، دل جي بيماري، شگر ۽ ڪينسر ايتري قدر جو اها غفلت موت جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿي. پر تازو سامهون آيل تحقيق مطابق وڌيڪ وقت ويهڻ انساني جسم جي عمر تي به ناڪاري اثر ڇڏيندو آهي ۽ جسماني عمر کي اصل عمر جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ وڌائي ڇڏيندو آهي، يا وري آسان لفظن ۾ پنهنجو وڌيڪ وقت ويهي گذارڻ به توهان کي ڪيترائي سال پهريان پوڙهو ڪري سگهي ٿو.

 

کنڊ جو وڌيڪ استعمال

مٺين شين جو استعمال ڪنهن کي پسند ناهي هوندو؟ پر اهو جسماني وزن ۾ اضافي سان گڏوگڏ توهانجي چهري جي به عمر وڌائي ڇڏيندو آهي. مٺاڻ يا کنڊ وڌيڪ استعمال ڪرڻ سبب اسانجا جيوگهرڙا ڳنڍجي ويندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ چهري جي رونق غائب ٿي ويندي آهي ۽ اکين جي هيٺان به گهنج ۽ هلڪيون لڪيرون پوڙهائپ کي وڌائي ڇڏينديون آهن. ائين ناهي ته کنڊ کي مڪمل طور تي پنهنجي زندگي مان ڪڍي ڇڏيو پر مٺين شين جي استعمال کان پاسو ڪرڻ سان توهانجي چهري جي چمڪ برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

 

گهڻو وقت ٽي وي ڏسڻ

هڪ تحقيق مطابق روزاني چار ڪلاڪ ٽي وي ڏسڻ عمر ۾ ٻاويھه منٽ ڏهاڙي جي حساب سان گهٽ ٿي وڃن ٿا. اهڙي ريت جيڪي ماڻهو چار ڪلاڪ روزاني ٽي وي ڏسن ٿا اهي ان عادت کان پري رهندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پنج سال اڳ ۾ ئي موت جو شڪار ٿي ويندا آهن، ڇو ته توهان ٽي وي ڏسڻ لاءِ هڪ ئي جڳھه ويٺل هوندا آهيو، جنهن ڪري شگر اسانجي جيوگهرڙن ۾ جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهنڪري ٿولھه جو خطرو به وڌي ويندو آهي، ان کان بچڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته توهان ٽي وي ڏسڻ دوران هر 30 منٽن کانپوءِ اٿي ٿورڙو پنڌ ڪندا رهو.

 

ننڊ جي کوٽ يعني گهٽ سمهڻ

گهٽ سمهڻ سان نه رڳو اکين جي هيٺان ڪارا نشان ٿي پوندا آهن پر زندگي به گهٽجي ويندي آهي، روزاني ست ڪلاڪن کان به گهٽ ننڊ جي عادت توهان کي سڄي ڏهاڙي جي توانائي ذهني، سستي ۽ ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڏکيائي يا ٿولھه وغيره جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي.

 

ذهني دٻاءُ

ڪيترين ئي تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته وڌيڪ وقت دٻاءُ ۾ رهڻ سان جسماني جيوگهرڙن کي سخت نقصان رسي ٿو ۽ نتيجي ۾ پوڙهائپ ڏانهن سفر وڌي ويندو آهي. گهڻي عرصي تائين دٻاء ۾ رهڻ سان انسان جواني ۾ ئي پوڙهو نظر ايندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے