22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ٻالڪ آرٽسٽ ۽ ڪهاڻيڪارا هُدا سميع خان سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو : سڪينه امام

سوال : هاءِ هُدا، ڪيئن آهيو ؟

جواب: مان ٺيڪ آهيان الحمدالله،

سوال: پنهنجي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ؟

جواب: نالو هدٰ سميع خان آهي، مان ستن سالن جي آهيان ڪلاس 2 ۾ پي اي سي ايڇ ايس گرلز اسڪول ۾ پڙهندي آهيان، ماڻهو چوندا آهن ته مان ڏاڍي تخليقي ۽ اسمارٽ آهيان.

سوال: توهان جي بابا جو نالو ڇا آهي ؟

جواب: منهنجي بابا جو نالو سميع الله خان آهي.

سوال: توهان کي گهڻا ڀائر ڀينرون آهن  ؟

جواب: مون کي هڪڙي ڀيڻ آهي، جنهن جو نالو مريم آهي.

سوال: پسند جو مضمون توهان جو ڪهڙو آهي  ؟

جواب: منهنجو پسند جو مضمون انگلش آهي.

سوال: ڪهڙي جاءِ تي گهمڻ ۾ توهان کي مزو ايندو آهي ؟

جواب: رانديڪن جا ۽ ڪتابن جا دڪان گهمڻ ۾ مزو ايندو آهي.

سوال: توهان جو پسند جو رنگ ڪهڙو آهي ؟

جواب : منهنجو پسند جو رنگ گلابي ۽ واڱڻائي آهي.

سوال: توهان جي ڪا خواهش آهي ؟

جواب: جي ها ته مون کي پَرَ لڳي وڃن ۽ مان پريءَ وانگر اُڏامان.

سوال: توهان جو پسنديده کاڌو ڪهڙو آهي ؟

جواب: منهنجو پسنديده کاڌو مڇي آهي.

سوال: ڪنهن سان گهڻو پيار ڪندا آهيو ؟

جواب: خبر ناهي پر مان پنهنجي ماءُ پيءُ ٻنهي سان پيار ڪندي آهيان.

سوال: توهان جي پسنديده شخصيت ڪهڙي آهي ؟

جواب: منهنجي پسنديده شخصيت قائداعظم آهي.

سوال: توهان جو پسنديده ٽي-وي چينل ڪهڙو آهي ؟

جواب: منهنجو پسنديده چينل ڊزني جونيئر  آهي.

سوال: توهان جي سڀني کان سٺي دوست ڪير آهي ؟

جواب: منهنجي سڀني کان سٺي دوست رامين آهي.

سوال: توهان جي پسنديده گُڏي ڪهڙي آهي ؟

جواب: منهنجي پسنديده گُڏي بلي رينا (Ballerina) آهي

سوال: توهان جي پسند جو ڪارٽون ڪهڙو آهي ؟

جواب: منهنجو پسند جو ڪارٽون ڊاڪ ميڪسٽفن ۽ مائيلز Miles جيڪو Miles Tomorrowland  From مان آهي.

سوال: توهان جو پسنديده لباس ڪهڙو آهي ؟

جواب: منهنجو پسنديده لباس يونيڪورن برٽ ڊي ٽوٽو ڊريس آهي.

سوال: توهان جي پسند جو مشغلو ڪهڙو آهي  ؟

جواب: ڊرائنگ، تصويرون ٺاهڻ ۽ ڪهاڻيون لکڻ منهنجو مشغلو آهي.

سوال: ڪهاڻيون لکڻ کان علاوه توهان ۾ ٻي ڪهڙي تخليقي صلاحيت آهي ؟

جواب: اسڪيٽنگ ڪرڻ.

سوال: ڪهڙي شي توهان کي ڪهاڻيون لکڻ تي اتساهيندي آهي  ؟

جواب: شيون جيڪي مان پنهنجي چوڌاري ڏسندي آهيان، انهن کان متاثر ٿي لکندي آهيان، ۽ تمام گهڻو سکندي آهيان.

سوال: جڏهن توهان لکندا آهيو ته ڪنهن کان مدد وٺندا آهيو؟

جواب: ڪنهن کان به نه رڳو صورتخطي جي چڪاس ۾ مدد وٺندي آهيان.

سوال: توهان جي پسند جو ڪتاب ڪهڙو آهي ؟

جواب: منهنجو پسنديده ڪتاب آهي The Magic Finger by Roald Dahl.

سوال: وڏو ٿي ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو ؟

جواب: مان وڏي ٿي ليکڪ ۽ آرٽسٽ ٿيڻ ٿي چاهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے