23 آچر , سيپٽمبر 2018

ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جو منفرد ڪاميڊين جمشيد انصاري

وزير فرھاد سولنگي

جمشيد انصاري ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جو اهو فنڪار آهي جيڪو روايتي مزاحيه فنڪارن کا مختلف انداز رکندڙ اداڪار هيو. هي پنهنجي مخصوص انداز سان ناظرين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن فن جي دنيا ۾ 1968ع ڌاري قدم رکيو، جڏهن پي ٽي وي جي نشريات بليڪ اينڊ وائيٽ هوندي هئي،

جمشيد انصاريءَ جو جنم 1945ع ۾ سهارن پور (اتر پرديش انڊيا) ۾ ٿيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڪراچي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ تعليم مڪمل ڪري هن فن جي دنيا ۾ پير پاتو. سندس پي ٽي وي تان ڪيترائي ڊراما ۽ ٻيا پروگرام ٽيليڪاسٽ ٿيا، جن ۾ جهرونڪا ۽ گهوڙا گهاس نهين کهاتا اهم هيا. ڊرامن کي ڏسندڙن طرفان سٺي موٽ ملي جنهن کان پوءِ هي اداڪاري جي شعبي ۾ وڌيڪ متحرڪ ٿيو.

1972ع ۾ حسينه معين جي لکيل ڊرامي انڪل عرفي جنهن ۾ هن حسنات ڀائي جو ڪردار ادا ڪيو سو پاڪستان ٽيليويزن جو تمام گهڻو مقبول ڊرامو بڻيو. جنهن کي محسن علي پروڊيوز ڪيو هو، هن ڊرامي کي فيبروري 1972ع ۾ آن ايئر ڪيو ويو جيڪو سيپٽمبر 1972ع تائين هليو. هن ڊرامي جون جُملي 26 قسطون هيون ۽ ان جو دورانيو اڌ ڪلاڪ هوندو هو. انڪل عرفي جي ڪاسٽ ۾ انهيءَ وقت جي مشهور آرٽسٽن ڪم ڪيو جن ۾ شڪيل، شهلا احمد، ناهيد رفيق، عذرا شيرواني، قربان جيلاني، سبحاني بايونس، بيگم خورشيد مرزا، عشرت هاشمي، خالد نظامي ۽ جمشيد انصاري شامل هئا. هيءُ ڊرامو جمشيد انصاري جي زندگي جو يادگار ڊرامو سمجهيو وڃي ٿو.

پاڪستان ٽيليويزن جي سڀني سينٽرن تان 1980ع جي ڏهاڪي کان پوءِ مقابلي واري دور جي شروعات ٿي جن ۾ سنجيده ڊرامن کان علاوه مزاحيه ڊراما به ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز بڻيا. انهيءَ دور جي مزاحيه ڊرامن ۾ ففٽي ففٽي، آنگن ٽيڙها، سونا چاندي وغيره مشهور ٿيا جن ۾ مختلف سينٽرن جي مزاحيه اداڪارن ۾ لاهور سينٽر تان خالد عباس ڊار البيلا، حامد رانا، عابد ڪاشميري پشاور سينٽر تان نجيب الله انجم ڪراچي سينٽر تان معين اختر، عمر شريف، ماجد جهانگير، اسماعيل تارا، جمشيد انصاري وغيره اچي وڃن ٿا جن جي مزاح ماڻهن تائين مرڪون وکيريون.

مزاج جي دنيا ۾ سٺن فنڪارن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي ۽ انهيءَ ڊگهي لسٽ ۾ اداڪار جمشيد انصاريءَ جو نالو نمايان طور ڳڻيو وڃي ٿو. ان کان علاوه 1980ع ڌاري حسينه معين جو لکيل ڊرامو انڪهي جنهن کي شعيب منصور پروڊويوز ڪيو. هن ڊرامي ۾ جمشيد انصاري جي ڪردار کي پڻ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ان ڊرامي ۾ پنهنجي دور جي خوبصورت اداڪارا شهناز شيخ جي فني ڪيرئير جي شروعات هئي، انڪهي ڊرامي جي ڪاسٽ ۾ شهناز، شيخ، شڪيل، سليم ناصر، قاضي واجد، بهروز سبزي واري ۽ ارشد محمود شامل هئا.

جمشيد انصاري مزاح ۾ هڪ منفرد مقام ماڻيو. سندس هڪ مشهور ڊرامي ۾ سندس تڪيو ڪلام ”چقو هي ميري پاس“ کي تمام گهڻي موٽ ملي. هن جي اداڪاري جو نرالو انداز سندس سڃاڻپ بڻجي ويو، اداڪار جمشيد انصاري پاڪستان ٽيليوزن جي ٻين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ سنجيده به ڪردار ادا ڪيا پر هن سپورٽ ايڪٽر طور گهڻو ڪم ڪيو. سندس ڊرامو تنهايان جيڪو 1982ع ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو جنهن کي پڻ ناظرين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، تنهايان ڊرامي جي ليکڪا حسينه معين هئي ۽ شهزاد خليل هن ڊرامي کي پروڊيوز ڪيو هو، هي ڊرامو به سندس زندگي جو يادگار ڊرامو سمجهيو وڃي ٿو ان کان علاوه سندس ٻيا به ڊراما مشهور ٿيا جن ۾ هاف پليٽ ۽ ڪوهار شامل آهن.

جمشيد انصاري ريڊيو پاڪستان تي پڻ صداڪاري ڪئي ۽ هن ريڊيو جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪمرشل پروگرامن ۾ تمام سٺي انداز سان ڪم ڪيو. ان کان علاوه هن پاڪستاني فلمن ۾ به ڪم ڪيو. سندس پهرئين فلم سوغات هئي جيڪا 1970ع ۾ رليز ٿي جنهن کان پوءِ هن 1979ع ڌاري فلم پاڪيزه ۾ اداڪار نديم ۽ شبنم سان گڏ ڪم ڪيو، هن هڪ پنجابي فلم آج دي ڪڙيان ۾ به ڪم ڪيو.

جمشيد انصاري کي سندس فني خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ مليا جن ۾ بهترين مزاحيه اداڪار جو ايوارڊ ۽ پي ٽي وي ايوارڊ شامل آهن.

هي ناميارو فنڪار برين ٽيومر جي بيماري سبب 24 آگسٽ 2005ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هن کي هڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد هيو سندس جنازي نماز بيت المڪرم مسجد گلشن اقبال ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس کي خورشيد پوره قبرستان (حب بلوچستان) ۾ دفن ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے