23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾تبديلي اچڻ واري آهي؟

مسلم ميراڻي

عيد جي ڏينهن تي به وزير اعظم عمران خان جي سادگيءَ ۽ ڪفايت شعاري جا پيغام هر طرف هلندا رهيا ته عمران خان صاحب جيئن ئي ملڪ جي وزير اعظم جي ڪرسي سنڀالي آهي ان ڏينهن کان ئي وٺي پنهجي پارٽيءَ ۽ ڪابينا جا اجلاس جاري آهن ته ملڪ کي ترقي ڪيئن وٺرائجي ۽ ڪهڙي طريقي سان ملڪ جي لٽيل قومي دولت ملڪ ۾ واپس آندي وڃي. ياد رهي ته وزير اعظم عمران خان ملڪ جي سڀني ادارن ۾‌سادگي ڪرائڻ ۽ بچت جو پروگرام ٺاهي چڪو آهي ته هو پاڻ  به وزير اعظم وارو جهاز استعمال نه ڪندو ۽  سڀئي سرڪاري عهديدار فرسٽ ڪلاس بجاءِ ڪلب ڪلاس ۾ سفر ڪندا  ۽ ان سان گڏ  سرڪاري آفيسن جو وقت به تبديل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ سڀ کان وڏي تبديلي وارو فيصلو ملڪ ۾ وڻڪاري وارو اعلان آهي ته جيئن ملڪ کي موسمي تبديلن کان بچائي سگهجي.

هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جي نئين حڪومت کي بيمار معيشيت، پرڏيهي قرضن جي ادائيگي ۽ مالي گهوٽالي سميت اندرين ۽ ٻاهرين ڏکيائين جو شڪار آهي. جنهن کي منهن ڏيڻ ايترو آسان نه آهي جيترو پاڪستان تحريڪ انصاف اعلان ڪندي رهي آهي. وزير اعظم عمران خان وزير اعظم هائوس جي بلٽ پروف گاڏين جي نيلامي جو ته اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي مخالف سياسي پارٽيون تنقيد ڪندي چئي رهيون آهن ته اهي گاڏيون غير ملڪي سربراهن، عهديدارن جي استعمال اينديون آهن جڏهن اهي  پاڪستان جي دورن تي ايندا آهن. جيڪڏهن اهي گاڏيون نيلام ٿي ويون ته پوءِ اهي غير ملڪي عهديدار کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هيلي ڪاپٽرن تي وٺي ايندي يا سزوڪي مهراڻ تي. خير اهو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو ته اهي گاڏيون نيلام ڪري نيون ورتيون وينديون يا وري وزير اعظم پاڪستان عمران خان واقعي ۾ پرڏيهي مهمانن سان روڊ تي پنڌ ڪندي نظر ايندو. پاڪستاني ادارن ۾ اهو پراڻو رواج آهي ته سرڪاري مال  ملڪيت پنهنجن کي ئي نيلام ڪيو ويندو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن تي پڻ اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته اهي سرڪاري زمينون، ٺيڪا ۽ مال و ملڪيت پنهنجن ئي ماڻهن کي ڏيندا هيا مطلب هڪ هٿ نيلامي ۽ ٻئي هٿ خريداري وارو ڌنڌو هلندو رهيو هيو ۽ هاڻي به ملڪ جي سڀني سرڪاري ادارن کي اهو ماضي وارا ڪامورا  ئي سنڀالي رهيا آهن جن جا گهر ڪميشن تي ئي هلندا رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل سياسي لوٽا ۽ حڪومتي اتحادي به ان ماضي جي گورک ڌنڌي جا وڏا کلاڙي رهيا آهن جن جون پارٽيون هلنديون ئي سرڪاري خرچن تي  هيون ۽ هاڻي اهو تمام مشڪل آهي ته اهي سڀئي گهڻو وقت چپ جو روزو رکي سگهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه وزير اعظم پاڪستان عمران خان جي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري جي تقري تي پڻ شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هن هڪ ڪي پي ڪي جي هڪ جونيئر آفيسر کي ڪيئن  وزير اعظم جو پرنسپل سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي ڇو جو اهو فيصلو ميرٽ جي خلاف آهي ۽ ان فيصلي جي ڪري ڪيترن ئي سينئر آفيسرن جو حق ماريو ويو آهي جيڪڏهن اهو نئون پاڪستان آهي ته پوءِ ڇو پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان ماضيءَ ۾ حڪومتن تي جونيئر آفيسرن جي ڀرتين تي تنقيد ڪئي ويندي هئي؟ اهڙي طرح وزارتن جي ورڇ  ۽ ڏکڻ پنجاب جي عورتن کي مخصوص سيٽن تي نظر انداز ڪرڻ تي پڻ پاڪستان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي وڃي ته وزارت انفارميشن ٽيڪنالوجي سميت ڪيتريون ئي وزارتون اهڙن ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن جن کي ان وزارت جي باري ۾ الف ب جي به خبر نه آهي ۽ ماضيءَ ۾ انهن تي خرد برد جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن. جيڪڏهن وزير اعظم جا فيصلا به پراڻي وانگر تخت لاهور وارا  هوندا ته پوءِ هي ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو ۽  ڪيئن ڪرپشن جو خاتمون هتي ممڪن ٿيندو. . جيڪڏهن ملڪ جا فيصلا مجبورين جي تحت ٿيندا رهيا ته پوءِ اهي ڏينهن پري نه آهن  ته عوام پاڪستان تحريڪ انصاف جي سونامي جي خلاف روڊن تي احتجاج ڪندي نظر ايندو. وزير اعظم پاڪستان عمران خان صاحب اهو چئي چڪو آهي ته اهو سستي ۽ سولي انصاف ماڻڻ لاءِ چيف جسٽس سان ملاقات ڪندو ۽ گڏوگڏ ڊيا مير باشا ۽ مهمند ڊيم جي تعمير ۾ پنهنجو اهو ڪردار ادا ڪندو.

ياد رهي ته ماضيءَ ۾ به ”قرض اتارو ملڪ سنواريو“ واريون ڪيتريون ئي مهمون جاري رهيون. ان جو باوجود نه ملڪ سنوريو نه ئي قرض لٿو ۽ هاڻي به سرڪاري ملازمن جو اهو اعتراض آهي ته هر دفعي انهن جون پگهارون بنا ڪنهن راضپي جي ڪٽيون وينديون آهن ۽  ٿيڻ ته اهو گهرجي هان ته ملڪ جي لٽيل دولت مان ڊيمَ ٺاهيا وڃن هان. جيڪڏهن هن نئين پاڪستان ۾ به پراڻي پاڪستان وارا فيصلا ٿيندا رهيا ته پوءِ لوڊ شيڊنگ جو جن ڪڏهن به بوتل ۾ بند ڪونه ٿيندو ۽ توانائيءَ جو گهوٽالو ائين ئي جاري ۽ ساري رهندو. نه ئي هتي بيروز گاريءَ جو خاتمو ايندو نه ئي وري  روز گار جي موقعا پيدا ٿيندا جن جو اعلان وزير اعظم پاڪستان عمران خان ڪري چڪو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا اڃان هني مون جا ڏينهن ئي هلي رهيا آهن ته پاڪ، ڀارت ۽  پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي باري ۾ غلط فهمي شروع ٿي وئي آهي. پاڪستان، آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري جي بيان کي ڪوڙو چئي رهي آهي ٻئي آمريڪي حڪومت پاڪستان تي اهي الزام هڻي رهيا آهن ته پاڪستان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. ياد رهي ته ڊرون حملن، دهشتگرديءَ سميت گهڻن ئي معاملن تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ هيٺ مٿائي  هلندي رهي آهي ۽ گهڻ ئي قربانين جي باوجود به آمريڪا پاڪستان کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو رهيو آهي. هاڻي به پاڪ، آمريڪا ۽ پاڪ، ڀارت لاڳاپن ۾ ماضي واري روائيتي پاليسي ئي جاري رهندي. هن ملڪ ۾ نئو وزير اعظم ته اچي سگهي ٿو پر نئين پرڏيهي پاليسي پنهنجي مرضي سان ٺاهڻ ايترو آسان نه آهي  جيترو پاڪستان تحريڪ انصاف سمجهندي رهي. ماضيءَ جو حڪومتون ۽ تاريخ گواهه آهي پاڪستان مسلم ليگ ن جي حڪومتي دور ۾ مشهور زمانه  سيف الرحمان جي سربراهيءَ ۾ احتساب جي لاءِ ٺاهيل نيب نيٺ ميان نواز شريف جي خاندان جو احتساب ڪيو. اهڙي ريت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيٽر رحمان ملڪ جي مخالفن جي احتساب جي لاءِ استعمال ٿيندڙ ادارا اڄ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي احتساب جون تياريون ڪري رهيا آهن. هن ملڪ ۾ نئين تاريخ  ٺاهڻ ۽ انقلاب آڻڻ جو دعويدار ته گهڻا ئي آيا پر بدقسمتيءَ سان اهي هن ملڪي نظام کي تبديل نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي به  ڪٿي ائين نه ٿئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي تبديلي جا نعرا ئي رڳو عوام تائين پهچن ته تبديلي اچڻ واري آهي. ڇو جو تاريخ پاڻ کي ورجائيندي رهندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے