21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڌاڳو آهي ڪچو، پڪو سندس نينهن

ڪامران چانڊيو

رکشا ٻنڌڻ سنسڪرت ٻولي مان ورتل آهي جنهن جي لفظي معنيٰ “حفاظت جو ٻنڌڻ! راکي جو ڏينهن ڇو ۽ ڇا لاءِ ملهايو وڃي ٿو ان بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ۽ ڪئي فلسفا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ڪير چوي ٿو ته پاتال لوڪ جي راجا ٻَليءَ، وامن ڀڳوان جي چرڻن کي پڪڙي، لڪشميءَ جي ور جو سر گھُريو ته لڪشميءَ اُتي راجا ٻليءَ کي راکي ٻڌي پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو ۽ پنهنجي پتيءَ کي کانئس بچائي ورتو هو. ان کان پوءِ راکي ٻنڌڻ تهوار جو روپ اختيار ڪيو.

ساڳيءَ ريت نانڪي ٻائي پنهنجي ڀاءُ گرونانڪ کي راکي ٻّڌي، انهيءَ روايت کي وڌيڪ عام بڻائي ڇڏيو. هڪ ٻيو قصو به مشهور آهي ته  دروپدي پانڊوو جي زال ۽ ڪرشن ڀڳوان جي ڌرهم جي ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ ڪرشنا کي اهڙو ئي حفاظتي ڌاڳو ٻڌو هو جڏهن هو مهاڀاري لڙائي ۾جنگ وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو. ڪرشنا به دروپدي کي وچن ڏنو هو ته تون تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت اچي ته مونکي ياد ڪجان مان تنهنجي حفاظت لاءِ پهچي ويندس. پوءِ جڏهن پانڊوو، ڌروپدي کي جوا ۾ هارائي ويا هئا ۽ سرعام ڌروپدي جي ساڙهي (پهراڻ) لاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي تڏهن ڌروپدي پنهنجي ڀاءُ ڪرشنا کي آواز ڏنا “ ڪرشنا ڀاءُ اچ! ڀيڻ جي عزت بچاءِ”. تڏهن ڪرشنا اچي سندس حفاظت ڪئي هئي.

اڃا وڌيڪ رکشا ٻنڌڻ بابت چيو وڃي تو ته چتوڙ جي مهاراڻي ڪرموَتيءَ، دهليءَ جي مغل بادشاهه همايون کي رکشا ٻنڌڻ تي راکي موڪلي، پنهنجو ڀاءُ بڻايو هو. همايون بادشاهه، راکيءَ جو قدر ڪري راڻيءَ جي عزت ڪئي ۽ راڻيءَ جي حفاظت لاءِ گجرات جي بادشاهن سان لڙائي ڪئي هئي.

راکي ٻڌن يا رکشا ٻنڌڻ جي ڏينهن ڀينرون پنهنجن ڀائرن کي راکي ٻڌينديون آهن ۽ راکي جي بدلي انهن کان ڪيترا ئي تحفا پڻ وصول ڪنديون آهن، هن ڏينهن ڀينرون، راکيون پنهنجن ڀائرن جي ساڄي ٻانهن جي ڪراين تي ٻڌي سندن وڏي عمر ۽ تحفظ لاءِ پنهنجي رب کان هٿ جوڙي پراٿنا (دعا) ڪنديون ته جيئن سندن ڀائرن جي وڏي ڄمار ٿئي،  ۽ ان راکي جي لڄ رکندي ڀائر ڀينرن مٿان پنهنجي جان قربان ڪرڻ جو وچن به نئين سر کڻندا آهن، راکي ٻنڌڻ يا رکشا ٻنڌڻ هڪ اهڙو تهوار آهي جنهن لاءِ ڀينرون ۽ ڀائر سڄو سال انتظار ڪندا آهن ڇو جو هن ڏينهن تي پنهنجن ڀينرن کان پري رهندڙ ڀائر به پنهنجي ڀينرن وٽ پنهنجي ويندا آهن ۽ هن تهوار کي ڀينر ۽ ڀائر گڏجي ملهائيندا آهن، راکي ڪچي ڌاڳن مان ٺهيل هوندي آهي جيڪا ڀينرون پنهنجن ڀائرن کي ٻانهن ۾ ٻڌينديون آهن ۽ تقريبن اها راکي سڄو سال هي ڏينهن نه اچڻ تائين ڀائرن جي ڪلائي تي ٻڌل هوندي آهي. اڳ ۾ ته راکي صرف ڪچي ڌاڳي جي تندن مان ٺاهي ويندي هئي پر هاڻ ته راکي کي ڪيترن ئي خوبصورت رنگن سان سجايو وڃي ٿو ۽ هر ڀيڻ جي اها ئي ڪوشش  هوندي آهي ته اها پنهنجي ڀاءُ جي ڪلائي ۾ اهڙي راکي ٻڌي جيڪا سڀني کان وڌيڪ منفرد ۽ شاندار هجي.

راکي هونئن ته هڪ ڪچي ڌاڳي جي ٺهيل هوندي آهي پر ٻن عظيم رشتن جي اهو ڄڻ ته ساهه جو سڳو هوندو آهي ڇو جو اهو سٽ سان ٺهيل ڌاڳو هميشه ڀائرن جي سلامتي ڪندو ۽ ڀينرن جي موجودگي جو احساس پڻ ڏياريندو آهي، هي ڏينهن معاشري ۾ پيار ۽ محبت جو هڪ واضح نمونو آهي جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ڀائر ۽ ڀينرن جو پيار سڀني رشتن کان اتم ۽ اعلي آهي ڇو جو ڀاءُ ۽ ڀڻ جو رشتو اهڙو رشتو هوندو آهي جنهن سان ماڻهون پنهنجي زندگي جا سڀ درد ۽ سور ونڊيندو آهي، ڀاءُ کي ڀيڻ جو محافظ سمجهيو ويندو آهي پر ڀيڻ به ڀاءُ جي محافظ طور به سڃاتي ويندي آهي ڇو جو ڀينرون پنهنجن ڀائرن جي سلامتي ۽ خوشي لاءِ هر طرف آتيون ۽ فڪرمند هونديون آهن، ڀائر ڪيڏانهن ٻاهر وڃي ته سندس جي جسم ۾ ساهه نه هوندو آهي پوءِ اهو جيستائين گهر موٽي نه ٿو اچي، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو به آهي ته هي ڏينهن ٻن ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڪافي عرصي کانپوءِ هڪ ٻي جي ويجهو آڻي ٿو ٻن ڏينهن ۾  ڀائر جتي به هجن پر هن ڏينهن تي انهن کي ڀينرن اڳيان حاضر ٿيڻو پوندو آهي ڇو جو هي ڏينهن ڀائرن کانسواءِ ملهائي ئي نه ٿو سگهجي ان ڪري ڀائر پوري پوري ڪوشش ڪندا آهن ته اهي هن ڏينهن تي ڀينرن جي وچ ۾ هجن ۽ انهن سان گڏ هي ڏينهن ملهائن,ڀائر ڀينرن جا شهزادا ۽ ڀينرون وري ڀائرن جو شهزاديون هونديون آهن ڀلي کڻي ڀاءُ ڪيڏو نه بدصورت هجي پر پوءِ به ڀينرون پنهنجي ڀاءُ جو مٽ ڪنهن کي به ڪنديون آهن هي ڏينهن ڀاءُ ۽ ڀينرن جي پيار کي اڃا وڌيڪ وڌائي ٿو .هن ڏينهن تي سنڌ سميت پوري دنيا ۾ ڪيترائي پروگرام ڪوٺايا ويندا آهن ته جئين هن ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي !

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے