19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان جو خطاب فتاح ملڪ جي نالي منسوب لائبريري جو افتتاح

آغا نور محمد پٺاڻ

قرباني واري عيد خير سان گذري وئي ۽ ماڻهن عيد نمازون پڙهيون، مسجدون ۽ عيدگاهه نمازن سان آباد رهيا. صدر ممنون حسين ڪراچي ۾ ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قائم مقام گورنر ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻي ۾ عيد نماز ادا ڪئي پر مديني جي رياست وانگر پاڪستان کي بڻائيندڙ نئين وزير اعظم عمران خان جي پهرين عيد نماز ڪنهن وڏي عيدگاهه يا فيصل مسجد ۾ پڙهندي نظر نه آئي. چون ٿا ته هن وزير اعظم هائوس ۾ نماز ادا ڪئي. جيڪڏهن هو به ڪنهن معروف عيدگاهه يا مسجد ۾ عيد نماز پڙهي ها ۽ عيد جو خطبو ڏي ها ته ماڻهن کي مديني جي رياست ۽ حضرت عمررضه ياد اچي ها ڇو ته هن کان اڳ عمران خان صاحب وزير اعظم جي حلف برداري کان پوءِ قوم کي خطاب ڪندي نهايت شاندار تقرير ڪئي جنهن کي ٻڌي ماڻهن سُک جو ساهه کنيو هيو، ان ۾ هن مديني واري رياست جو ذڪر ڪيو هيو ۽ حضرت عمررضه جي ڪارنامن جا مثال به ڏنا هيا. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ماڻهو ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهن جڏهن ڏتڙيل ماڻهن جي سار لهڻ ڪو سياسي ليڊر اچي ۽ ان جي سار سنڀال لهي. اسانکي ياد آهي ته وزير اعظم ٿيڻ کان ڪجھه ڏينهن ڪراچي ويندي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ڄامشورو جي ڀرسان هڪ شيدن جي ڳوٺ وٽان گذريو ۽ شيدن ان جي گاڏي اڳيان ڀُٽي صاحب جي حمايت ۾ نعرا هنيا جنهن تي ڀُٽي صاحب انهن کي چيو ته مان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ توهانجي جي ڳوٺ جي ڪچن گھرن کي پڪو ڪرائيندس ۽ بعد ۾ جڏهن هو وزير اعظم ٿيو ته ان شيدي ڳوٺ جا سمورا گھر پڪا ڪرائي ڇڏيا ۽ پاڻي جا نلڪا انهن جي گھرن ۾ هڻائي ڏنا. شهيد محترمه پنهنجي شادي جي تقريب به لياري جي ڪِڪِري گرائونڊ ۾ منعقد ڪرائي، جيڪڏهن هو چاهي ها ته ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل يا ڪراچي جي پولو گرائونڊ ۾ اها تقريب ٿي سگھي پئي پر هن به پنهنجي پيءُ وانگر غريبن جي وچ ۾ رهڻ پسند ڪيو، جتان هاڻي ان جو فرزند ارجمند مانوارو نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو زرداري هارائي ويو، جنهن جو يقيناََ شهيد محترمه جي روح کي صدمو رسيو هوندو ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ان جي اباڻي سيٽ تي چون ٿا ته هن ڏاڍو مشڪل سان کٽيو جنهن لاءِ وڏا هيلا هلايا ويا.

عيد کان پهريون هن گرمي جي مند ۾ پنو عاقل جي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سنڌ جي مانواري اديب، شاعر ۽ قانون دان سائين عبدالفتاح ملڪ جي نالي سان منسوب ٿيل اسڪول لائبرري قائم ڪئي وئي جنهن جو افتتاح خود سائين فتاح ملڪ ڪراچي کان ڪهي اچي پاڻ ڪيو. هي اهو اسڪول آهي جنهن ۾ فتاح ملڪ صاحب پاڻ پڙهيو هيو. ان لائبرري جو قيام انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ ورڪ پاڪستان ۽ جان محمد ملڪ اسڪول جي پرنسل جي سهڪار سان ٿيو جنهن ۾ هن وڏي محبت ۽ خلوص سان انتظام ڪيو ۽ سڀني شهرن جي معزز ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏني ۽ ماني جو بندوبست ڪيو، ان پروگرام ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پنو عاقل جو پرنسپل پروفيسر ڪرنل جاويد عليم به شريڪ ٿيو ۽ ضلعي جا تعليمي عملدار، اديب، شاعر ۽ انتظاميه جا سربراهه به شريڪ ٿيا. هيءَ لائبرري سنڌ ۾ قائم ڪيل ICLN پاڪستان پاران 76هين لائبرري آهي. هن کان اڳ شڪارپور ۾ 12 بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪولن ۾ لائبرريون قائم آهن. ان کان علاوه ڪشمور ضلعي جي ڪنڌڪوٽ، غوثپور، ڪرمپور ۽ ڪشمور شهرن جي اسڪولن  ۾ لائبرريون قائم ڪيون ويون آهن. هي لائبرريون Activity Based لائبرريون آهن جن ۾ ٻارن کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏياريو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ ڪتاب ۾ پڙهيل عنوانن تي لکڻ ۽ ان ٽاپڪ تي گفتگو ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي ۽ سال جي آخر ۾ انهن ۾  سٺن پڙهندڙ ٻارن (Best Readers) کي انعام اڪرام ۽ سرٽيفيڪٽ ڏنا وڃن ٿا. اهي لائبرريون ان علائقي جي اديبن، شاعرن ۽ تعليمدانن جي نالن سان منسوب ڪيون ويون آهن. جيئن شڪارپور ۾ آغا سليم، آغا عبدالنبي خان عليگ، نورالدين سرڪي، ثميرا زرين، آپا رضيه بلوچ، استاد غلام مصطفيٰ سومرو، غلام النبي مير، آغا محمد يعقوب، علي نواز سولنگي (ڊکڻ شهر) جي نالن سان قائم آهن. ڪنڌڪوٽ ۾ به استاد عمرالدين عارباڻي، آپا زهرا پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، بدلو خان شيخ ۽ غوثپور ۾ استاد مورڙو خان ميراڻي، آپا نور جهان ملڪ، پير عبدالڪريم شاهه جيلاني، پير يعقوب علي شاهه جيلاني جي نالي سان منسوب ڪيل آهن. ڪشمور شهر ۾ روشن تارا اسڪول ۾ سنڌي ٻولي جي معروف شاعر ۽ نئين  زندگي جي اڳوڻي جوائنٽ ايڊيٽر سائين شعبان بخت جي نالي سان لائبرري منسوب ڪئي وئي آهي. ديرا مراد جمالي ۽ صحبت پور جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڊرگي ۾ استاد محمد شريف سومرو جي نالي سان لائبرري قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وڏي پئماني تي سنڌي ڳالهائڻ وارا شاگرد پڙهن ٿا. ان کان علاوه بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪار، شهيد بينظير آباد، سانگھڙ، ڄام شورو ۽ مٽياري ضلعن جي اسڪولن ۾ لائبرريون قائم ڪيون ويون آهن جن جو تعداد 80 ٿي چڪو آهي. انهن لائبررين ۾ مٽياري ضلعي جي ڏيپرن جي ڳوٺ اندر تعمير ملت اسڪول ۾ علامه علي محمد ڪاڪيپوٽي جي نالي سان هڪ لائبرري قائم ڪئي وئي آهي، هي اها شخصيت آهي جنهن اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ علامه اقبال کي فلسفو پڙهايو هيو، جنهن جو تعلق ڳڙهي ياسين تعلقي جي ”مارون ڪاڪيپوٽا“ ڳوٺ سان هيو جنهن جي اولاد پٽ ۽ پوٽا اڄ به حال حيات آهن ۽ انهن وٽ علامه اقبال جو سرٽيفيڪٽ به موجود آهي، جنهن ۾لکيل آهي ته استاد علي محمد ڪاڪيپوٽي صاحب مونکي فلسفي جا مشڪل مسئلا حل ڪري سمجهايا.

ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي شوق کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان لاءِ سنڌ ۾ لائبررين جو ڄار وڇائڻ ضروري آهي. اڳي اسانجي ڳوٺن ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي ۽ اوطاقن ۾ لائبرريون قائم هونديون هيون جيڪي هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن. اسانجي اسڪولن ۾ انگريزن جي زماني کان پرائمري کان سيڪنڊري ليول تائين لائبرريون قائم هيون جيڪي هاڻي ڪامن رومس ۽ ڪلاسن ۾ بدلجي چڪيون آهن ۽ ڪتاب اڏهي جي حوالي آهن يا گم ٿي چڪا آهن. پني عاقل ۾ لائبرري جي افتتاح ڪرڻ کان اڳ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ وڃي شاگردن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن بابت پڇا ڪئي پر ڪنهن هڪ شاگرد کي به ڀٽائي جو بيت ياد نه هيو. اها حالت سنڌ جي سڀني اسڪولن  ۾ آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي علمي ادبي اڪابرين ۽ شاعرن اديبن جي متعلق نئين نسل کي آگاهه ڪجي ۽ اهو ڪم لائبررين جي ذريعي ئي ٿي سگھي ٿو. ان سلسلي ۾ سائين عبدالفتاح ملڪ پنهنجي ذاتي لائبرري مان هڪ هزار ڪتاب ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ سنڌ جي 75 لائبررين کي پنهنجا لکيل ڪتاب ”اسان آونگ چاڙهيا“ شاعري ۽ ”جمنا سان ٽي ڏينهن“ ڪهاڻين جو مجموعو تحفي طور اماڻيا آهن. ان کان علاوه سائين جسٽس رٽائرڊ ديدار شاهه صاحب پنهنجي شهر رتوديري جي گورنمينٽ گرلس ۽ بوائز هاءِ اسڪولن ۾ لائبررين کي قائم ڪرڻ لاءِ انڊس ڪاٽيج لائبرريز نيٽ ورڪ سان تعاون ڪيو آهي ۽ ميرپورخاص جي شهر ۾ سائين پير آفتاب شاهه جيلاني به ٻن لائبررين جي قيام لاءِ سهڪار ڪيو آهي. سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين عبدالغفور ميمڻ به سنڌ جي 45 اسڪولن ۾ قائم ڪيل لائبررين لاءِ ٻاراڻا ڪتاب گفٽ ڪيا آهن. اها ڳالهه غور طلب آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪتابن جي اشاعت جو تعداد هڪ هزار هيو ۽ هاڻي 71 سال گذرڻ کان پوءِ جڏهن آبادي جو انگ تمام وڌي چڪو آهي ۽ اسڪولن جو تعداد اڳي جي مقابلي ۾ هزار دفعا وڌيڪ آهي تڏهن به ڪتابن جي تعداد اشاعت ساڳيو هڪ هزار کان وڌي نه سگھيو آهي. مون سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين سائين نور احمد ميڻ ۽ مهراڻ اڪيڊمي جي قمر صاحب کان پڇيو ته اوهانجا ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ وڪري تائين گھڻو وقت وٺندا آهن؟، جن چيو ته 5 سال وڪري ۾ لڳي ويندا آهن. هاڻي ٻڌايو ته اسانجي سيل مارڪيٽنگ جي رفتار ڪيتري آهي؟ اڪيڊمي ادبيات جي زماني ۾ اسانجا ڪيترا اديب ڪتابن جا قلمي نسخا کڻي ايندا هيا ۽ ڇپائڻ لاءِ چوندا هيا پر اسانکي ڏاڍو افسوس ٿيندو هيو ته انهن قلمي پورهيتن جو ۽ ادب جي اڪابرين جي ڪتابن کي اسان اشاعت جي زيور سان آراستا ڪري نٿا سگھون ڇو ته اسان وٽ پروگرامن جي بجيٽ ئي ڏاڍي مشڪل سان ملندي هئي. ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو مرڪزي آفيس جي هٿ ۾ هوندو هيو ۽ اهي به گھڻو ڪري ڪتاب اردو ٻولي ۾ ڇپائيندا هيا. اسانجا ادبي ادارا اڃا تائين سون، هزارن جي تعداد ۾ پيل مسودن کي ڇپرائي نه سگھيا آهن. سنڌ يونيورسٽي پريس موجود آهي پر اهي ادبي ڪتاب ته ڇڏيو پر پنهنجي Ph.D اسڪالرس جا مقالا به ڇپرائي نه سگھيا آهن جڏهن ته آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ادبي ۽ سماجي علمي موضوعن تي هزارن جي تعداد ۾ پوري دنيا ۾ ڪتاب ڇپرائي ٿي جن انگريزي سان گڏ سنڌي ۽ اردو ۾ به ڪتاب ڇپيا آهن.

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هيءَ قوم ڪيئن ترقي ڪندي. اسانجا وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪڏهن به اسڪولن جو دورو نه ڪندا آهن باقي هزارن ۽ لکن روپين جي دعوتن ۾ شريڪ ٿين ٿا. اچو ته هاڻي اسڪولن کي سنڀاليون ۽ اسڪولن ۾ لائبرريون قائم ڪري ٻارن ۽ استادن کي ڪتاب پڙهايون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے