25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آمريڪي سينيٽر جان مڪين لاڏاڻو ڪري ويو

American Senator John Maison was removedواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ري پبلڪن سينيٽر جان مڪين 81ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جان مڪين 2017 کان دماغي ڪينسر ۾ مبتلا هو ۽ هن پنهنجي حياتي جا آخري ڏينهن اباڻي شهر ”ايري زونا“۾ گذاريا. جان مڪين جي لاڏاڻي تي آمريڪا ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي جنهن لاءِ قومي جهنڊو پڻ جهڪايو ويو آهي. ايري زونا سان تعلق رکندڙ جان مڪين 2008 ۾ صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، هو 30 سال تائين آمريڪي سينيٽ جو ميمبر رهيو ۽ کيس ڇهه ڀيرا آمريڪي سينيٽر چونڊجڻ جو اعزاز پڻ حاصل رهيو. جان مڪين آمريڪي هوائي فوج جو پائلٽ هو ۽ ويٽنام ۾ جنگي قيدي پڻ رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے