24 سومر , سيپٽمبر 2018

افغان صدر پاران بچاءُ واري وزير، گهرو وزير ۽ ڳجهي ايجنسي جي سربراهه جي استعفيٰ قبول ڪرڻ کان انڪار

The Afghan President refuses to accept resignation of the Defense Minister, Home Minister and the secret agency headڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان صدر اشرف غني بچاءُ واري وزير، گهرو وزير ۽ ڳجھي اينجسي جي سربراهه جي استعفيٰ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته قومي سلامتي واري صلاحڪار جي استعفيٰ قبول ڪري ورتي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سيڪيورٽي معاملن تي اختلافن سبب گذريل ڏينهن افغانستان جي بچاءُ واري وزير، گهرو وزير، ڳجهي اينجسي جي سربراهه ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار پنهنجن عهدن تان استعفيٰ ڏني هئي. حڪومتي ترجمان هارون چڪنسوري جو چوڻ آهي ته صدر اشرف غني استعفيٰ ڏيندڙ وزيرن ۽ ڳجهي ايجنسي جي سربراهه کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته قومي سلامتي واري صلاحڪار حنيف اتمار جي استعفيٰ قبول ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته استعفيٰ ڏيندڙن ۾ قومي سلامتي وارو صلاحڪار محمد حنيف اتمار پڻ شامل هو  جيڪو صدر بعد سڀ کان طاقتور عهدي تي مقرر هو. سندس لاءِ اهو چيو پيو وڃي  ته هو ايندڙ سال ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو خواهشمند آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري مارجي ويو

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے