24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڀينڊي: شگر جي مريضن لاءِ مثالي غذا

ڀينڊي هڪ اهڙي سبزي آهي، جيڪا هر موسم ۾ ملندي آهي، سٺي ذائقي سان گڏ اها شگر جي مريضن لاءِ به پنهنجو مَٽ پاڻ آهي. ڀينڊيءَ ۾ موجود فائبر هاضمي کي مدد ڏيندو آهي ۽ پوٽاشيم بلڊ پريشر کي مستحڪم ڪندو آهي، ان سان گڏوگڏ ڀينڊي کائڻ سان بُک دير سان لڳندي آهي، جيڪا جسماني وزن ۾ گهٽتائي لاءِ به مددگار ثابت ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڀينڊيءَ کي پنهنجي لازمي غذا بڻائجي ته بلڊ شگر ليول ۽ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به مدد ڏيندي آهي. ڀينڊي ۾ ٻن قسمن جا فائبر وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، جن جي ڪري ان کي شگر جي مريضن لاءِ مثالي غذا تصور ڪيو ويندو آهي. ان ۾ موجود فائبر شگر خارج ٿيڻ کي يقيني بڻائيندو آهي ۽ انسولين کي حرڪت ۾ آڻيندو آهي. ڀينڊي جي کَلَ ۽ ٻج بلڊ گلوڪوز ليول کي گهٽ ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اها شگر جي مريضن لاءِ محفوظ سبزي آهي، نه رڳو اهو پر ان سبزي ۾ موجود انزائمي انسولين جي حساسيت وڌائيندا آهن، جڏهن ته انسولين پيدا ڪندڙ خلين جي پيداوار به مستحڪم ٿيندي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Geo-identifier smartphone app in one hour

هڪ ڪلاڪ ۾ جيوڙن جي سڃاڻپ ڪندڙ سمارٽ فون ايپ

سانتا باربرا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ماهرن 100 ڊالرن جي هڪ سمارٽ فون ڪٽ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے