22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: جهڏو: هارين جي گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف متاثرن پاران احتجاج

Jhhudo: protesters protest against the police on the families of peasantsجهڏي ۾ عدالتي حڪم تي بازياب ٿيل هارين جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري چوپايو مال ڪاهي وئي

ڳوٺ قاري عبدالستار خاصخيلي جي رهواسي عورتن گل بانو، آمنه، محمد يعقوب ۽ ٻين ميڊيا سينٽر آڏو احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي هنن دانهندي چيو ته 17 ڏينهن اڳ سيلهوري موري وٽان عدالتي حڪم تي کين بازياب ڪرايو ويو هو

هنن چيو ته پوليس بااثر جي چرچ تي سندن ڳوٺ جي چڙهائي ڪري مسجد جي پيش امام سوڌو ٻن ڄڻن کي کنڀي کڻي وئي

عورتن جو چوڻ هو ته هو ڪيترن ئي سالن کان سيلهوري موري تي بااثر زميندوار وٽ هارپو ڪندا هئا پر زميندار کين اُپت جي اجرت ڏيڻ لاءِ نه هو

سندن چوڻ هو ته عدالت ۾ دانهڻ تي کين آزاد ڪيو ويو هو پر پوليس سندن گهرن تي حملو ڪري ناانصافي ڪئي آهي

احتجاج ڪندڙن عدالت کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے