25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

صدارتي چونڊن کان اڳ اهم ڪاميابي، فاٽا جا 3 سينيٽر تحريڪ انصاف ۾ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف صدارتي چونڊن کان اڳ اهم ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ فاٽا سان واسطو رکندڙ 3 سينيٽرن طرفان پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي وئي آهي. فاٽا جا 3 سينيٽر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ صدارتي چونڊن ۾ حڪومتي اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان سينيٽر اورنگزيب خان، سجاد طوري ۽ حاجي فدا بني گالا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٽنهي سينيٽرن وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي، ان موقعي تي عمران خان ٽنهي سينيٽرن کي ڀليڪار چيو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف عارف علوي کي صدارتي اميدوار نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته مخالف پارٽين جي گڏيل اميدوار جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے