23 آچر , سيپٽمبر 2018

شهريءَ تي تشدد ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران شاهه تي 5 لک ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته عمران شاهه تي 5 لک رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو آهي، جيڪڏهن ٻيهر دانهن ملي ته کيس پارٽي مان خارج به ڪري سگهجي ٿو. پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ اسيمبلي ميمبر شميم نقوي چيو ته ڊسيپلين ڪميٽي سمورين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪيو، عمران شاهه پارٽي اڳيان پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو، کيس وارننگ به ڏني وئي آهي. هن چيو ته پارٽي قيادت فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪنهن سان به اهڙو ورتاءُ برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ٻيهر دانهن ملي ته عمران شاهه کي پارٽي مان خارج به ڪري سگهجي ٿو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي عمران شاهه عام شهريءَ کي سرعام تشدد جو نشانو بڻايو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے