22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس جو فوري طور اشتهاري بورڊ لاهڻ جو حڪم

CJP, Sukkur, NAB,لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار لاهور ۾ اشتهاري بورڊ فوري طور لاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن بورڊ نه لاٿا ويا ته عمل لاءِ بئنچ جوڙي ويندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ اشتهاري بورڊ لڳائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس لاهور ۾ اشتهاري بورڊ فوري طور لاهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اشتهاري بورڊ پاڻ ئي لاهي ڇڏيو ته سٺو رهندو، جيڪڏهن بورڊ نه لاٿا ويا ته اسان عمل لاءِ بئنچ جوڙينداسين. سپريم ڪورٽ رجسٽري ڊي جي پي ايڇ اي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس چيو ته لاهور کي صاف سٿرو رکڻ لارڊ ميئر جي ذميواري آهي، وڏا وڏا بل بورڊ ڪهڙي قانون تحت لڳايا ويا آهن، ڪينٽ ايريا سميت سڄي شهر مان قدآور بل بورڊ هٽايا وڃن، اسان ڪراچي مان بل بورڊ هٽائڻ جو واضح حڪم جاري ڪيو. عدالتي حڪم تي لارڊ ميئر ڪرنل (ر) مبشر جاويد عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن موقف اختيار ڪيو ته مان ان ڪري چُپ هيس ته نئين اقتدار جو مرحلو مڪمل ٿي وڃي، منهنجو واسطو سياسي پارٽي سان هو، هاڻ ٻي سياسي پارٽي اقتدار ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته اهو عوامي عهدو آهي، ان عهدي جو ڪنهن سياست سان واسطو ناهي، جنهن تي مبشر جاويد چيو ته انتظامي آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته مون سان سهڪار ڪن، چيف جسٽس چيو توهان جي پنهنجي حڪومت هئي، ان معاملي کي عوامي مفاد ۾ ڏسو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے