19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڊاڪٽر امير محمد خان جوگزئي بلوچستان جو گورنر نامزد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڊاڪٽر امير محمد خان جوگزئي کي بلوچستان جو گورنر نامزد ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف اقتدار ۾ ايندي ئي چئني صوبن جا گورنر تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پنجاب لاءِ چوڌري محمد سرور، خيبر پختونخواهه لاءِ شاهه فرمان ۽ سنڌ لاءِ عمران اسماعيل کي گورنر نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻ بلوچستان جو گورنر به نامزد ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي پڌرائيءَ موجب وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي گورنر کي تبديل ڪندي ان عهدي لاءِ ڊاڪٽر امير محمد خان جوگزئي کي نامزد ڪيو آهي. بلوچستان جو موجوده گورنر محمد خان اچڪزئي آهي، جيڪو پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو وڏو ڀاءُ ۽ 11 جون 2013ع کان بلوچستان جو گورنر آهي. ڊاڪٽر امير محمد خان جوگزئي ميڊيڪل شعبي ۾ چائلڊ اسپيشلسٽ طور 32 ورهين جو تجربو رکي ٿو ۽ بولان ميڊيڪل ڪاليج ڪوئيٽا ۾ اڍائي سال رجسٽرار جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي چڪو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے