19 اربع , سيپٽمبر 2018

اپوزيشن پارٽين ۾ گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ تي اتفاق

مري (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن پارٽين جي اتحاد ”پاڪستان الائنس“ طرفان صدارتي چونڊ لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي نالي جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي رهائش گاهه تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اپوزيشن پارٽين طرفان صدارتي چونڊ لاءِ گڏيل اميدوار آڻڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. اي پي سي کانپوءِ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ن ليگ جي احسن اقبال چيو ته اجلاس ۾ اپوزيشن سان واسطو رکندڙن خلاف انتقامي ڪاررواين جي مذمت ڪئي وئي. هن حڪومت تي زور ڀريو ته اپوزيشن جي عوامي نمائندن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کنيا وڃن. سندس چوڻ هو ته ٻين پارٽين ن ليگ صدر شهباز شريف کي سڀاڻي تائين اميدوار جي نالي جو اعلان ڪرڻ لاءِ اختيار ڏئي ڇڏيو آهي، پ پ وفد پنهنجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ رات تائين جو وقت گهريو آهي. احسن اقبال ٻڌايو ته اپوزيشن اڳواڻن کي جيڪي ڌمڪين جون ڪالز وصول ٿي رهيون آهن، اجلاس ۾ ان تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، حڪومت انهن ڌمڪين جو فوري طور نوٽيس وٺي ۽ اپوزيشن اڳواڻن جي سيڪيورٽي جو بندوبست ڪري. اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ن ليگ اڳواڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن ان معاملي ۾ تڪڙ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اي پي سي ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان ضمني چونڊن ۾ اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي فيصلي تي به خدشا ظاهر ڪيا ويا. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جا ماهر به اليڪشن ڪميشن جي ان آن لائين سسٽم تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري چڪا آهن، اهو سسٽم پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ هيڪ ٿيڻ جو خطرو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته اي پي سي ۾ نواز شريف ۽ سندس خاندان بابت موجوده حڪومت جي قدمن جي به مذمت ڪئي وئي، وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ ئي شريف خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ سان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته حڪومت ن ليگ خلاف انتقامي ڪارروائي تي يقين رکي ٿي. ان کان اڳ ن ليگ طرفان گهرايل اي پي سي ۾ پيپلز پارٽي، متحدا مجلس عمل، نيشنل پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي سميت ٻين پارٽين جي وفدن شرڪت ڪئي. پ پ وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شيري رحمان، سيد خورشيد شاهه ۽ قمر زمان ڪائرا شامل هئا، ان سان گڏوگڏ ايم ايم اي طرفان مولانا فضل الرحمان، جڏهن ته اي اين پي طرفان ميان افتخار حسين ۽ غلام احمد بلور شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے