23 آچر , سيپٽمبر 2018

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل عالمي ڪپ 2018 جي ٽرافي ٽور جو اعلان ڪري ڇڏيو

International Cricket Council announces the Trophy Tour of World Cup 2018دبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري(آءِ سي سي) ون ڊي ڪرڪيٽ جي عالمي ڪپ 2009 جي ٽرافي ٽور جو اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ٽرافي ٽور جي شروعات 27 آگسٽ کان آءِ سي سي هيڊڪوراٽر دبئي کان ٿيندي. آءِ سي سي موجب عالمي ڪپ ٽرافي 5 کنڊن جي 21 ملڪن ۽ 60 شهرن جو دورو ڪندي. اها ٽرافي پاڪستان پڻ ايندي ۽ 3 کان 5 آڪٽبور تائين لاهور، 6 کان 8 آڪٽبور تائين اسلام آباد ۽  9 کان 13 آڪٽبور تائين ڪراچي ۾ نمائش لاءِ رکي ويندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته نون مهينن تي ٻڌل ٽرافي ٽور دوران ٽرافي رڳو انهن ئي ملڪن جو دورو نه ڪندي جيڪي ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن پر پهريون ڀيرو اها ٽرافي انهن 11 ملڪن ۾ پڻ نمائش لاءِ رکي ويندي جتي ڪرڪيٽ گهڻي ناهي کيڏي ويندي. انهن ملڪن ۾ نيپال، آمريڪا ۽ جرمني نمايان  آهن. واضح رهي ته ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو ايندڙ سال 30 مئي کان 14 جولائي تائين انگلينڊ ۽ ويلز ۾ لڳندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پروٽوڪول خلاف شهري جو احتجاج: صدر پاڪستان ڪيس کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي پروٽوڪول خلاف احتجاج ڪندڙ شهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے