24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاڪستاني ڄائي برطانوي هاءِ شيرف روبينا شاهه لاءِ ناروي ۾ خاص اعزاز

Pakistani special British High Court, Honorable Honorary in Norway for Robina Shahمانچسٽر(ويب ڊيسڪ) گريٽر مانچسٽر جي هاءِ  شيرف پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽر روبينا شاهه کي ناروي يونين طرفان اڄ خاص اعزاز سان نوازيو ويندو. ڊاڪٽر روبينا شاهه جو تعلق راولپنڊي سان آهي جيڪا برطانيا ۾ پنهنجي ڪائونٽي جي پهرين پاڪستاني ڄائي هاءِ شيرف آهي.  ڊاڪٽر روبينا شاهه پيشي جي لحاظ کان مانچسٽر يونيورسٽي ۾ سينئير ليڪچرار آهن، کيس سندس خدمتن عوض برطانوي راڻي هاءِ شيرف جي عهدي تي مقرر ڪيو آهي. پاڪستان يونين ناروي طرفان اڄ اوسلو ۾ هڪ ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ ناروي جي ثقافت وارو وزير  ٽرائن اسڪائي گرينڊي خاص مهمان طور شرڪت ڪندو.تقريب ۾ ڊاڪٽر روبينا شاهه کي گڏيل رياست لاءِ بهترين رضاڪاراڻي خدمتون انجام ڏيڻ تي خاص اعزاز سان نوازيو ويندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر روبينا شاهه ٻڌايو ته اهو ايوارڊ وصول ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ تاريخي عوام جو ڪسٽوڊين ٿيڻ، پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ گريٽر مانچسٽر جي ماڻهن لاءِ ايماندار، انسانيت ۽ خلوص سان خدمتون انجام ڏيڻ هو تمام وڏو استحقاق آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ان دوران کيس ڪافي پريشانين ۽ چيلنجن کي منهن ڏيڻو پيو پر برطانوي نوجوانن ۾ ڪاميابي جي زبردست اهليت هوندي آهي. روبينا شاهه وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي ماضي جي غلطين مان سکڻ گهرجي ۽ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته مستقبل ۾ ان کي ورجايو نه وڃي. انعامي تقريب ۾ محترمه سيده ڪوثر ۽ منور شرقپوري کي پڻ برطانيا ۽ ناروي ۾ اردو ميڊيا کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ايوارڊ سان نوازيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ۾ داعش سان تعلق هئڻ جي شڪ ۾ برطانوي ڊاڪٽر گرفتار

دمشق ( ويب ڊيسڪ ) شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش سان واسطو رکڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے