25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

”رچمنڊ“ جي ناٺي عمران خان کي پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ جون وڌايون

Imran Khan of the "Richmond" extended to be the Prime Minister of Pakistanلنڊن(ويب ڊيسڪ)عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ جي خوشي ۾ برطانيا جي بزنس مين  اشواني ڪمار پنهنجي دڪان ٻاهران بينر  هڻي کيس انوکي انداز ۾ مبارڪون پيش ڪيون. 65 ورهين جي اشواني ڪمار جي والدين جو تعلق پاڪستان سان آهي. جن 1947 ۾ ورهاست بعد گوجرانوالا کان ڀارت هجرت ڪئي، جتي اشواني ڪمار پيدا ٿيوپر هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لنڊن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.اشواني ڪمار جي لنڊن جي ڏکڻ اولهه واري علائقي رچمنڊ ۾ هڪ گروسري جو دڪان آهي، جنهن سان گڏ هو ڊرائي ڪلينر جو ڪم پڻ ڪندو آهي. عمران خان جي وزيراعظم ٿيندي ئي هن پنهنجي دڪان ٻاهران هڪ بينر لڳايو جنهن تي لکيل آهي ”رچمنڊ جي ناٺي عمران خان کي پاڪستان جو وزيراعظم ٿيڻ جون وڌايون“ دڪان ٻاهران عمران خان جي ڪاميابي جا بينر مقامي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهن، جيڪي رستي ويندڙن کي پري کان نظر اچي رهيا آهن. واضح رهي ته رچمنڊ اهو علائقو آهي جتي عمران خان جي پهرين گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ جي خاندان جي رهائش گاهه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اشواني ڪمار ٻڌايو ته جمائما جي ڀاءُ زيڪ گولڊ اسمٿ، رچمنڊ پارڪ جو مقامي ايم پي آهي جنهن سان پيءُ ۽ پٽ جهڙو تعلق آهي، جڏهن ته سندس والد سان پڻ سندس گهاٽي دوستي هئي. هن ٻڌايو ته عمران خان جي جمائما سان شادي سندس دڪان کان ڪجهه پرڀرو قائم هڪ رجسٽرار جي آفيس ۾ ٿي هئي، ان وقت هو اخبارو وڪڻندو هو ۽ اڪثر طور عمران خان ۽ سندس اڳوڻا مائٽ سندس وٽ ايندا رهندا هئا، تڏهن کان ئي ان خاندان سان سندس بهترين تعلقات آهن. هن ٻڌايو ته عمران خان جڏهن به لنڊن ايندو هو ته اينا بيل گولڊ اسمٿ هائوس ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن هو هڪ مقامي شخص وانگر سندس وٽ سلوار قميص ۾ آيو ۽ جنگ اخبار خريد ڪئي، هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو جڏهن ته عمران خان رڳو مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مسڪرايو. هن چيو ته جڏهن کان عمران خان لاءِ بينر لڳايو آهي، تڏهن کان هر گذرندڙ ڪار هارون وڄائيندي آهي يا مقامي ماڻهو اتي بيهي مٺائي وغيرا کائيندا آهن ۽ جشن ملهائيندا آهن. واضح رهي ته اشواني ڪمار ڊگهي عرصي کان رچمنڊ ۾ رهي رهيو آهي، جڏهن ويجهڙائي ۾ ئي هن پاڪستان جو دورو پڻ ڪيو، جنهن بعد هو پنهنجو پاڻ کي پاڪستان سان محبت ڪندڙن مان سمجهي ٿو. اشواني ڪمار لنڊن کان گوجرانوالا پنهنجن وڏڙن سان ملڻ آيو هو، جن جا گهر جي ٽي روڊ تي قائم هئا، هن ٻڌايو ته پاڪستانين جي ڏنل پيار۽ محبت  منهنجي دل کٽي ورتي. ٻئي پاسي جمائما جي ڀاءُ زيڪ گولڊ اسمٿ جو چوڻ آهي ته عمران خان جا اسان جي ڪميونيٽي ۾ کوڙ دوست آهن جن مان هڪ مان به آهيان ۽ پاڪستاني ووٽرن جي فيصلي جو جشن ملهائي رهيو آهيان.  سندس چوڻ هو ته اها عمران خان لاءِ هڪ ڊگهي جنگ هئي پر مونکي ڪڏهن ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه هو ته هو وزيراعظم نه بڻجي سگهندو، هو ڪرپشن جي مسئلن کي پڻ بهترين طريقي سان حل ڪندو، جنهن سبب پاڪستان ڪافي عرصي کان پوئتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے