19 اربع , سيپٽمبر 2018

هندستان کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي دعوت ۽ ننڍي کنڊ جو امن….

پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان پنهنجي وزير اعظم ٿيڻ واري تقريب ۾ هندستان کان آيل مهمان نوجوت سنگهه سڌو جي اچڻ تي هندستان جي ميڊيا ۽ ڪٽر تنظيمن پاران رد عمل جو اظهار ڪرڻ ۽ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڇڪتاڻ بابت ان مسئلي تي ٽوئٽر تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ عمران خان ڪيئي مسئلن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، هُن نوجوت سنگهه سڌو جا پاڪستان اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ مٿس تنقيد ڪندڙن کي هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ امن جي قيام لاءِ ٿيندڙ ڪوششن جو مخالف چيو ۽ مذمت ڪئي، هُن پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ هندستان کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دعوت پڻ ڏني آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي وزير اعظم ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪجهه تبديلن جو جهڙوڪر سلسلو جاري ٿي ويو آهي، عمران خان پنهنجي وزير اعظم چونڊجڻ کان اڳ به ڪيئي ڀيرا هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ امن جي قيام کي ضروري قرار ڏيندو رهيو آهي ۽ حڪومت ۾ اچڻ بعد به سندس جي پهرين اوليت پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن جو قيام آهي، هُن پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ امن جي قيام کان سواءِ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي نه ٿي سگهي، ان لاءِ هُن هندستان کي ڪشمير مسئلي تي ڳالهين لاءِ دعوت پڻ ڏني آهي.

پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي ڇڪتاڻ  1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد ئي شروع ٿي چڪي هُئي جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪي ٽي جنگيون پڻ ٿي چڪيون آهن، آخري جنگ 1999ع ۾ ٿيل ڪارڪل جنگ هُئي جنهن ۾ پاڪستان کي شڪست آئي، جڏهن ته ڪشمير مسئلي تي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ هميشه ڇڪتاڻ جاري رهندي پئي آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پڻ ڪيئي قيمتي جانيون ضايع ٿينديون رهن ٿيون. جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياچين جي مسئلي تي پڻ ڪيئي جهڙپون ٿينديون رهيون آهن.

هندستان بضد آهي ته ڪشمير هڪ “ شاهاڻي رياست” آهي ۽ ڪشمير جي سموري رياست تي هندستان جو حق آهي، 2010ع جي انتظامي اختيارن موجب هندستان سڄي ڪشمير واديءَ جي 43 سيڪڙو حصي جو انتظام سنڀالي ٿو جن ۾ جمون ۽ ڪشمير وادي، لداخ، ۽ سياچين گليشيئر شامل آهن، جڏهن ته پاڪستان 37 سيڪڙو حصي جو انتظام سنڀالي ٿو جن ۾ آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت، بلتستان شامل آهن ۽ باقي 20 / سيڪڙو علائقو جن ۾ شڪسگم وادي ۽ اڪسي چن علائقا شامل آهن چين جي انتظام هيٺ آهن، اها انتظامي ورهاست جيئن جو تيئن اڄ تائين قائم آهي.

ٽوئٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ان کانسواءِ عمران خان هندستان کي ٻه طرفو واپار پڻ شروع ڪرڻ لاءِ چيو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي اقتصاديات کي هٿي ملي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري سرگرمين سان خطي جي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ رزق ۽ روز گار جا وسيلا پڻ پيدا ٿين.

اها هڪ واضع حقيقت آهي ته ڪشمير مسئلي سبب هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ ڪري ٻنهي ملڪن جو عوام خاص ڪري سرحدن جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو سخت ذهني عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن.

ڪشمير مسئلي جي سنگينيءَ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو ان مسئلي تي گڏيل قومن جي اداري ۾ 21 اپريل 1948ع ۾ هندستان پاران ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قرارداد پڻ داخل ڪرائي وئي هُئي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ قرارداد نمبر 47/ منظور ڪئي وئي، جنهن بعد گڏيل قومن پاران “ ڪشمير مسئلي” جي حل لاءِ “ ريفرنڊم” ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ڪو به عمل اڃان تائين ٿي نه سگهيوآهي، جڏهن ته جمون ڪشمير ۾ انتظام سنڀالڻ لاءِ هن وقت به لکين جي انگ ۾ هندستاني فوج مقرر ٿيل آهي.

مٿي پيش ڪيل صورتحال هڪ انتظامي ۽ سياسي صورتحال آهي جنهن جي آگاهي ڏيڻ به ضروري هُئي پر مسئلي جو ٻيو رخُ انتهائي اذيتناڪ ۽ تڪليف وارو آهي جيڪو اصل ۾ هڪ انساني درد ڪٿا تي ٻڌل آهي، سچي ڳالهه ته اها آهي ته ٻنهي پاسن جو ڪشميري عوام سخت عذاب ۽ تڪليف واري زندگي گذاري رهيو آهي، سندن خاندان ورهيل آهن، سندن رشتا، ناتا ۽ خوشيون ورهايل آهن، انساني الميو ۽ سياسي انتظام ٻه تلخ حقيقتون آهن جيڪي الڳ الڳ پنهنجي تلخي بيان ڪري رهيون آهن.

وزير اعظم عمران خان پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ ڪشمير مسئلي جو انتهائي سنجيدگيءَ ۽ سچائيءَ سان ذڪر ڪيو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هندستان سميت، گڏيل قوم جو ادارو ۽ سموري دنيا جا انصاف پسند ۽ انسانيت پسند ماڻهو  انهيءَ سنگين معاملي طرف ڌيان ڏين ۽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هاڻي دنيا تمام گهڻو اڳتي وڌي وئي آهي، هاڻي دنيا ۾ معاملا جنگين جي ذريعي نه پر ڳالهين جي ذريعي حل ٿين ٿا جو هاڻي جنگ مسئلن جي حل لاءِ ڪو آپشن نه رهيو آهي، اهو ان ڪري به ته هاڻي جنگيون عام روايتي نه رهيون ۽ آهن نه ئي جنگي هٿيار ڪي عام روايتي هٿيار رهيا آهن ۽ نه ئي هاڻي ڪي جنگين جا اثر جاگرافيائي حدن جي اندر رهن ٿا، دنيا مٽجي وئي آهي ۽ هاڻي هندستان کي به مٽجڻو پوندو ۽ پاڪستان کي به مٽجڻو پوندو. ڪشمير مسئلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تقرار جو بنياد ۽ بنيادي سبب آهي تنهنڪري انهن کي فقط ۽ فقط ڳاليهن ذريعي ئي حل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي تقريبا ڏيڍ ارب عوام جي فائدي ۾ آهي، جنگ مسئلي جو حل نه آهي ۽ نه ئي طاقت ذريعي مسئلي کي گهڻي وقت تائين دٻائي صورتحال کي جيئن جو تيئن برقرار رکي سگهجي ٿي، ننڍي کنڊ ۾ جٽادار امن لاءِ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ڳالهين جو ٿيڻ ضروري آهي، پاڪستان ڳالهين لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هاڻي هندستان کي به اڳتي اچڻ گهرجي.

ڇنڇر 25 آگسٽ 2018ع، 13 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے