23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي : شاگردياڻي کي تنگ ڪرڻ وارو معاملو، وارثن کي جاچ تي بي اعتمادي، احتجاج

Dighri: Harassment with student of Agricultural university by police*ڊگهڙي ۾ 10 ڏينهن اڳ  پوليس اهلڪارن پاران شاگردياڻي کي تنگ ڪرڻ واري معاملي جي جاچ تي وارثن بي اعتمادي ظاهر ڪندي احتجاج ڪيو.

پوليس اهلڪارن  سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردياڻي شبنم گل جروار سان بدتميزي ڪئي هئي ۽ پوليس اهلڪارن حاجي خان ڪنڀار،ربنواز جٽ ۽ جاويد جروار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 جانچ تي بي اعتمادي ظاهر  ڪندي ۽ ملوث اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ جروار برادري طرفان شبير احمد جروار،ممتاز جروار،دولھ دريا خان جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڊگهڙي اڳيان ڌرڻون هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊگهڙي پوليس پنهنجي پٽي ڀائي پوليس اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي جنهن ۾ خاص قلم به ناهن لڳايا ويا .

 هنن چيو ته  ڏھ ڏينهن گذرڻ باوجود اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڊگهڙي پوليس مڪمل طور تي ناڪام وئي آھي

هنن مطالبو ڪيو ته شاگردياڻي شبنم گل جروار جي وارثن جي مديت ۾ ڪيس داخل ڪري ملوث پوليس اهلڪارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | پ پ ضلعي سطح تي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: غلام قادر پليجو

ضلعي ٺٽي چئيرمين غلام قادر پليجو  ڌاٻيجي جو دورو  ڪيو ته  علائقي واسين شڪايت جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے