21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد جي جسماني رمانڊ ۾ 27 آگسٽ تائين واڌ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي دوست انور مجيد جي جسماني رمانڊ ۾ 27 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس۾ گرفتار اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد کي جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي روبرو پيش ڪيو.  ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته انور مجيد ۽ عبدالغني مجيد کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، تنهن ڪري جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. انور مجيد جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل کي برين هيمبرج جو خطرو ٿي ويو آهي، تنهن ڪري سندس طبي معائنو ڪرايو وڃي ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدر جي جسماني رمانڊ ۾ 27 آگسٽ تائين واڌ ڪندي ايف آءِ اي کي 10 ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے