20 خميس , سيپٽمبر 2018

تحريڪ انصاف شبلي فراز کي سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف شبلي فراز کي سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيءَ کي درخواست به موڪلي وئي آهي. تحريڪ انصاف شبلي فراز کي سينيٽ ۾ قائد ايوان نامزد ڪيو آهي، ان حوالي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيءَ کي نئين قائد ايوان لاءِ  درخواست به موڪلي وئي آهي. درخواست پارلياماني معاملن طرفان موڪلي وئي آهي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ کي نامزدگي جو خط ملي ويو آهي.  مسلم ليگ ن طرفان راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد ڪيو ويو آهي. جي يو آءِ ف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي ۽ نيشنل پارٽي راجا ظفر الحق جي حمايت ڪئي آهي. پ پ اڳواڻ شيري رحمان سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ آهي ۽ مسلم ليگ ن کيس هٽائي پنهنجو قائد ايوان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي پارٽين ۾ شديد اختلاف موجود آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Naqiq murder case: Former SSP Malir Rao Anwar passed a petition request

سپريم ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي ڪندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نقيب الله محسود قتل ڪيس ٻڌڻي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے