21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ اسڪينڊل: آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر چوٿون ڀيرو طلب

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) بئنڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چوٿون ڀيرو طلب ڪندي سومر ڏهاڙي صبح 11 وڳي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. بئنڪنگ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي ايف آءِ اي اختيارين عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر 3 ڀيرا پيش نه ٿيا آهن، جنهن تي بئنڪنگ ڪورٽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چوٿون ڀيرو طلب ڪندي سومر ڏهاڙي صبح 11 وڳي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي اختيارين چيو ته چيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر پيش نه ٿيا ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻئي مشڪل جو شڪار ٿيندا، جڏهن ته ايف آءِ اي 28 آگسٽ تي عدالت ۾ مني لانڊرنگ جي رپورٽ پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے