21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پنجاب پوليس ۾ ڪي پي طرز تي تبديلي آندي ويندي: عثمان بوزدار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته قوم جي وزيراعظم عمران خان سان واڳيل اميدون پوريون ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڊيرا غازي سان جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. وفد سردار عثمان بوزدار کي وڏ وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته تبديلي ماڻهن جي بهتر مستقبل لاءِ آئي آهي، حقيقتي تبديلي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم عوام جي اميدن تي پورو لهندي، عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جي منزل حاصل ڪرڻ جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، جڏهن ته قوم جي عمران خان سان واڳيل اميدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏينداسين.  عثمان بوزدار چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام کي سندن حق ملندو، سڄي صوبي ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ مضبوط اپاءَ اختيار ڪيا ويندا. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، پوليس کي هاڻي عوام جو خادم ٿيڻو پوندو، پوليس جي رويي ۾ تبديلي هر قيمت تي آنديويندي، پوليس جي نظام ۾اها ئي تبديلي آندي ويندي جيڪا تحريڪ انصاف ڪي پي ۾ آندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …