23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ جي علائقي پاڪ ڪالوني مان ڏوهاري ساجد ۽ واجد جو ڀاڻج گرفتار

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي پاڪ ڪالوني ۾ پوليس ڪاررائي ڪندي ڏوهاري ٽولن جي اهم جوابدار شيراز عرف ڊڪيٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدار  ڏوهاري ٽولن جي ساجد ۽ واجد جو ڀاڻج آهي جڏهن ته سندس قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس قتل، قتل جي ارادي، ڀتا خوري ۽ پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ به گهربل آهي. پوليس موجب جوابدار علائقي ۾ ڊگهي عرصي کان ساجد ۽ واجد ۽ ماجد تربتي جا منشيات جا اڏا هلائي رهيو هو، جوابدار شيراز ٽن سڳن ڀائرن جي قتل ۾ پڻ ملوث آهي. پوليس موجب جوابدار جا ساٿي غازي خان، شاڪر شاڪا، فهد لاشاري ۽ ماما يعقوب ڇاپي دوران ڀڄي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے