26 اربع , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف سلطان هو، هن هر معاملي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو: چيف جسٽس

As the head of the Aidya, I assure that no one has any power over them: Chief Justiceاسلام آباد (م ڊ) پي ڪي ايل آءِ ۾ مبينا ڪرپشن ۽ بي ضابطگين تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ کان اسپتال ۾ بي ضابطگين تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي رمارڪس ڏنا آهن ته شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور سوسائٽي کي فنڊ ڪهڙي قانون تحت ڏنا آهن، سلطان جيڪو وڻيس ڪندو رهيو. پي ڪي آءِ ايل ۾ مبينا ڪرپشن ۽ بي ضابطگين تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪئي وئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ڪي ايل آءِ پراجيڪٽ ۾ ايڪنڪ کان منظوري حاصل نه ڪئي وئي ۽ اداري ۾ اربين رپين جي ونڊ ورڇ ڪئي وئي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته حڪومت پنهنجا اختيار خانگي ڪمپني کي ڪيئن ڏئي ڇڏيا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي قانون ۾ ڏٺو آهي ته هتي ڪو قانون ئي ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پي ڪي ايل آءِ پراجيڪٽ ۾ پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، ٻڌايو وڃي ته بورڊ لاءِ نواز شريف ۽ شهباز شريف ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪنهن ذريعي مليا ۽ شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور ڪهڙي قانون تحت سوسائٽي کي فنڊ جاري ڪيا، هر معاملي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال نظر اچي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته اسپتال بند نه ٿا ڪرڻ چاهيون، موجوده انتظاميه بدران عملدرآمد ڪميٽي جوڙي ڇڏيون ٿا، سموريون ڌريون ۽ سي اي او سميت عملدرآمد ڪميٽي جا ميمبر تجويز ڪن.فارينزڪ آڊيٽر ڪو ڪب زبيري آرڊٽ  رپورٽ  ۾ چيو آهي ته هي 12 ارب 70 ڪروڙ رپين جو منصوبو  هو، پر هاڻ  53 اربن کان وڌي ويو آهي،  20 ارب خرچ ٿي چڪا آهن. موجوده مالي سال  لاءِ 33 ارب رپيا رکڻ  جي  تجويز رکي وئي آهي، منصوبو ڊسمبر 2017ع تائين مڪمل ٿيڻو هو پر اڃان مڪمل ناهي ٿيو، بورڊ ۾ شهباز شريف، ڊاڪٽر سعيد اختر، سيڪريٽري  ۽ ٻين کي  غير قانوني طور  شامل ڪيو ويو، جيڪي اختيارن کي اورانگهيندي  فنڊ استعمال ڪرڻ  جي منظوري  ڏيندا رهيا، فنڊ   فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي کان  منظوري نه ورتي وئي، جيڪا پيپرا قانون جي  ڀڃڪڙي آهي. بعد ۾ عدالت  ٻڌڻي  ملتوي  ڪري ڇڏي

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ۾ وڌيڪ 334 ڄڻا ۽ 210 ڪمپنيون ملوث، انور مجيد جيل اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ڪميٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے