19 اربع , سيپٽمبر 2018

ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي دعويٰ غلط قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي جي دعويٰ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. ن ليگ جي گذريل حڪومتي دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي هئي ته نيشنل گرڊ ۾ 10 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي شامل ڪئي وئي آهي ۽ سڄي ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن اڳوڻي حڪومت جي دعويٰ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن اختيارين بجلي جي پيداوار ۽ لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل طور ختم ڪرڻ جي دعويٰ درست ناهي، ڊسڪوز جي 39 سيڪڙو فيڊرن تي 2 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگي حڪومت ڊسمبر 2017ع ۾ 61 سيڪڙو فيڊرن کي لوڊشيڊنگ فري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪيترن ئي زيرو فيڊرن تي به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے