19 اربع , سيپٽمبر 2018

قومي مفاد تي ڪا سوديبازي نه ڪئي وڃي: وزيراعظم جي پرڏيهي وزارت کي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي آفيس جي دوري دوران اختيارين کي پاليسي گائيڊ لائين ڏيندي چيو آهي ته قومي مفاد تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، پرڏيهي پاليسي ٺاهڻ وقت پاڪستان جو مفاد پنهنجي پهرين ترجيح رکو. پرڏيهي آفيس ۾ سوا ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ اجلاس دوران وزيراعظم کي ٻين ملڪن سان لاڳاپن، والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ پاڪ – ڀارت لاڳاپن تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي عمران خان چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي ترجيح ڏني ويندي ۽ قومي مفاد تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم ٻاهرين ملڪ سفارتخانن ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان جو هاڪاري تاثر اجاڳر ڪيو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم پرڏيهي آفيس پهتو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا سندس آجيان ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے