21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مان پاڪستان جو سلمان خان آهيان: فهد مصطفيٰ

I am Salman Khan of Pakistan: Fahad Mustafaڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار فهد مصطفيٰ  چيو آهي ته گذريل چئن ورهين کان سندس فلمون عيد جي موقعن تي ريليز ٿي رهيو آهن انڪري معذرت سان چوڻو ٿو پوي  ته مان پاڪستان جو سلمان خان آهيان. ويجهڙائي ۾ ئي بي سي بي ايشين نيٽ ورڪ کي انٽرويو ڏيندي فهد مصطفيٰ  عيد الاضحيٰ تي ريليز ٿيندڙ پنهنجي ٻنهي فلمن” جواني ڦر نهي آني 2“ ۽ ”لوڊ ويڊنگ“  جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو. فهد مصطفيٰ عيد جي موقعي تي ريليز ٿيندڙ فلمن جي بزنس تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان چيو ته پروڊيوسر ناهيان انڪري کيس بزنس جي حوالي سان ايتري ڄاڻ ناهي پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج ٻنهي فلمن ۾ مختلف انداز ۾ نظر اچڻ هو ڇاڪاڻ ٻنهي فلمن ۾ منهنجو ڪردار هڪ ٻئي کان بنهه مختلف آهي. فهد مصطفيٰ چيو ته فلم”جواني ڦر نهي آني 2“ جي ڪاسٽ تمام وڏي آهي انڪري جيڪڏهن فلم باڪس آفيس سٺي موٽ نٿي ڏئي ته منهنجي لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه هوندو ڇاڪاڻ اثر سموري ڪاسٽ تي پوندو. پر فلم ”لوڊ ويڊنگ“ ۾ منهنجو مرڪزي ڪردار آهي ۽ ڪاسٽ ۾ پڻ وڌيڪ ماڻهو يا وڏا نالا ناهن انڪري لوڊ ويڊنگ جيڪڏهن مداحن کي پسند نٿي اچي ته ان جو سڄو ملبو مون مٿان ڪرندو انڪري مان ”جواني ڦر نهي آني 2“ کان وڌيڪ فلم”لوڊ ويڊنگ“ لاءِ پريشان آهيان. انٽرويو دوران فهد ڀوڳ ڪندي چيو ته گذريل چئن ورهين کان منهنجون فلمون عيد جي موقعن تي ريليز ٿي رهيو آهن انڪري معذرت سان چوڻو ٿو پوي ته مان پاڪستان جو سلمان خان آهيان. واضح رهي ته عيدالاضحي تي ريليز ٿيندڙ فلم” جواني ڦر نهي آني 2“ باقي ٻنهي فلمن ”پرواز هي جنون“ ۽ ”لوڊ ويڊنگ“ کان وڌيڪ ڪمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے