21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن تي به سنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري

On the third day of the festival, the victim's chain continues under sunnat e ibrahimi

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن تي به سنت ابراهيمي تحت قرباني جو سلسلو جاري آهي ۽ مسلمان الله جي راهه ۾ جانور قربان ڪري رهيا آهن.عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن شهرين قربانيءَ جا فرض نڀائيندي جانورن جون قربانيون ڪيون ۽ غريبن توڙي دوستن ۽ مٽن مائٽن ۾ قربانيءَ جو گوشت ورهايو. جانورن جي قرباني ڏسڻ لاءِ ٻارڙن ۽ وڏڙن جو جوش به عروج تي آهي. قرباني کانپوءِ مختلف شهرن ۾ جانورن جو ڪچرو کڻڻ وارو آپريشن به جاري آهي ۽ انتظاميا صفائي جي سلسلي ۾ تحرڪ ۾ آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ جانورن جو ڪچرو جمع ٿي وڃڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ جون پڻ شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.ٻئي پاسي گهرن ۾ مختلف قسمن جا کاڌا ٺاهڻ جو سلسلو به جاري آهي. عيد جي آخري ڏينهن تفريحي هنڌن تي پڻ ماڻهن جا وڏا ميڙ رهيا ۽ ماڻهن جو وڏو انگ چڙيا گهر ۽ پارڪس ۾ پهتو ۽ عيد جو آخري ڏينهن انجواءِ ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے