21 جمعو , سيپٽمبر 2018

برطانيا ۽ فرانس پاران ايران لاءِ اُڏامون بند ڪرڻ جو اعلان

Announces closure of the damages for Iran by Britain and Franceلنڊن/پئرس(ويب ڊيسڪ) برطانوي ۽ فرانسيسي هوائي ڪمپنين ايران لاءِ سڌو سنئون اُڏامون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اقتصادي پابندين ۾ ڦاٿل ايران لاءِ پريشيانين ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي پئي وڃي. معاشي سرگرميون گهٽ هئڻ سبب برطانيا ۽ فرانس کان ايران ويندڙ مسافرن جي انگ ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن سبب برٽس ايئرويز ۽ ايئر فرانس ايران لاءِ سڌو سنئون اُڏامون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻنهي هوائي ڪمپنين پنهنجي هوائي آپريشن جو خاتمو سپٽمبر ۾ ڪنديون جنهن لاءِ برٽش ايئرويز جي آخري اُڏام 23 سپٽمبر تي تهران کان لنڊن لاءِ اُڏام ڀريندي جڏهن ايئر فرانس 18 سپٽمبر تي پئرس ۽ تهران روٽ کي بند ڪري ڇڏيندي. ٻين ملڪن پڻ ايران لاءِ اُڏامون گهٽ ڪرڻ تي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪري رهيون آهن. واضح رهي ته ايران جوهري توانائي جي معاهدي کان ڌار ٿيڻ بعد آمريڪا ايران تي سخت اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن جنهن سان ايراني معيشت اڳ ئي بحراني صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. جڏهن ته ايراني حڪومت آمريڪي دٻاءُ کي رد ڪندي معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ پُراميد آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے