19 اربع , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ هڪ نوجوان شهيد، ڪيترائي زخمي

In India, the Indian army was armed in more than a young martyrسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڪشميري نوجوان شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي. اسلام آباد ضلعي جي علائقي ڪُڪرناگ ۾ سرچ آپريشن دوران هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ۽ ڪيترن ئي زخمي ڪري وڌو. زخمين کي وجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي هڪ زخمي ياور احمد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ياور احمد جي مٿي ۾ گولي لڳي آهي. سرچ آپريشن دوران سڄي ضلعي ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته اچ وڃ وارن رستن تي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي والاريل ڪشمير جي نئين گورنر ستياپال ملڪ قسم کڻي ورتو آهي. مودي سرڪار ستيا پال ملڪ کي نريندرناٿ وهرا جي جاءِ تي نامزد ڪيو هو. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جنتا پارٽي ۽ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي گڏيل حڪومت جي خاتمي ۽ محبوبه مفتي جي استعفيٰ ڏيڻ بعد وڏي پيماني تي انتظامي تبديليون ڪيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Accusation of Money Laundering: Arrested in London including Amin Fahim's former Secretary of State

لنڊن: مخدوم امين فهيم جو اڳوڻو سيڪريٽري زال سميت گرفتار

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے