24 سومر , سيپٽمبر 2018

ناريل جو تيل ”نجو زهر“ آهي: آمريڪي پروفيسر جو انڪشاف

Coconut oil is "noise poison": American professor researchهارورڊ(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي ۾ صحت واري شعبي جي پروفيسر ڪيرن مچل پنهنجي هڪ ويڊيو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ناريل جو تيل صحت بخش ناهي پر هڪ زهر آهي. يوٽيوب تي شيئر ڪيل هڪ ويڊيو ۾ پروفيسر ڪيرن مچل خبردار ڪيو آهي ته ناريل جو تيل فائيديمند نه پر ڪنهن زهر جي جهڙو نقصانڪار آهي جيڪو انساني صحت تي خراب اثر وجهي سگهي ٿو. آمريڪي پروفيسر اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف پنهنجي هڪ ويڊيو ليڪچر”ناريل ۽ ٻيا غذائي مفالطا“ ۾ ڪيو . ڪيرن يونيورسٽي آف فريبرگ، جرمني جي وبائي بيمارين واري شعبي جي ڊائريڪٽر پڻ آهي ۽ ناريل جي تيل بابت انڪشاف تي هوءَ سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي. آمريڪي پروفيسر پنهنجي تحقيق جي حوالي سان  غذائي چارٽ ۽ ٻيا ثبوت پڻ پيش ڪيا. هن واضح ڪيو ته ناريل جي تيل ۾ سير ٿيل چڪنائين Saturated Fats جو مقدار تمام گهڻو هوندو جيڪو صحت لاءِ زهر آهي. اهڙي قسم ۾ خاص طور” ايل ڊي ايل“ پڻ شامل آهي جنهن کي طبي ماهر” بيڊ ڪوليسٽرول Bad cholesterol جي نالي سان سڃاڻين ڇاڪاڻ ته اها ئي اُها چڪنائي آهي جيڪا رڳن جي اندروني سطح تي ڄمي کين تنگ ڪري ڇڏيندي آهي ۽ رت جي دٻاءُ ۾ رنڊڪ وجهندي آهي ۽ ان سان دل جي بيماري ٿيڻ جا خدشا پڻ آهن. ٻئي پاسي ٽفٽ يونيورسٽي جي فوڊ سائنس ڊيپارٽمنٽ جي پروفيسر ايلس ليڪٽينسن پروفيسر ڪيرن جي ”انڪشاف“ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙو ڪو به ڊيٽا يا سائنسي ثبوت موجود ناهي جنهن جي بنياد تي ناريل جي تيل کي زهر قرار ڏئي سگهجي. البت ناريل جو تيل دل جي مريضن لاءِ نقصانڪار ضرور ثابت ٿي  سگهي ٿو ۽ ان کي محدود مقدار ۾ ئي استعمال ڪرڻ گهرجي. آمريڪا جي دل جي بيماري واري تنظيم پڻ ناريل جي تيل کي کاڌن ۾ استعمال ڪرڻ واري عمل کي دل جي لاءِ نقصان قرار ڏنو آهي. ناريل ۾ چرٻي جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي ۽ طبي ماهر هڪ ڏينهن ۾ 6 سيڪڙو  کان وڌيڪ سير ٿيل چڪنائيائون وٺڻ کان منع ڪن ٿا جڏهن ته ناريل جي تيل ۾ سير ٿيل چڪنائن جو مقدار 80 سيڪڙو تائين هوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪينسر جي سبب هلندڙ سال هڪ ڪروڙ ماڻهو  پنهنجي جان مان هٿ ڌوئي ويهندا: رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)طبي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪينسر 2018 ۾ هڪ ڪروڙ ماڻهن کي موت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے