23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستاني شاگرد عالمي ”جي سي ايس اي“ امتحانن ۾ انوکو اعزاز حاصل ڪري ورتو

Pakistani students acquired an honor in the world's "CISA" examinationڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شاگرد احمد نواز عالمي جنرل سرٽيفڪيٽ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن(جي سي ايس اي) امتحانن ۾ 6 اي پلس ۽ 2 ايز کڻي انوکو اعزاز حاصل ڪري ورتو. احمد نواز ٽوئيٽر تي پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو ته ان ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو هٿ سندس والدين جو آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هوته اها سندس لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، جنهن کيس آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا واري مرحلي ۾ تمام ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور ۾ ڪاميابيءَ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته احمد نواز جي تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي تي پاڪستان کي فخر آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر  جو چوڻ هو ته احمد نواز پنهنجي عزم، همت ۽ تعليم جي طاقت سان شيطاني قوتن کي شڪست ڏني.ميجر جنرل آصف غفور پنهنجي پيغام ۾ احمد نواز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. واضح رهي ته احمد نواز 16 ڊسمبر2014 تي  پشاور جي آمري پبلڪ اسڪول تي ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو، ان سانحي ۾ 150 جي لڳ ڀڳ شاگرد، استادن ۽ ٻيو عملو شهيد ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے